21 جمعرات , فروری 2019

ڪراچي جي اين اي 247 ۽ پي ايس 111 تي ننڍي چونڊ سڀاڻي ٿيندي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 247 ۽ پي ايس 111 تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ سڀاڻي ٿيندي. صدر عارف علوي ۽ گورنر عمران اسماعيل پاران خالي ڪيل ٻنهي تڪن تي ننڍي سڀاڻي ٿي رهي آهي.  تحريڪ انصاف طرفان اين اي 247 تي آفتاب صديقي، ايم ڪيو ايم جي صادق افتخار، پ پ جي قيصر نظاماڻي ۽ پي ايس پي جي ارشد ووهره ۾ دنگل ٿي رهيو آهي. پي ايس 111 تي تحريڪ انصاف جي شهزاد قريشي، پي ايس پي جي ياسر الدين، ايم ڪيو ايم جي جهانزيب مغل، پ پ جي فياض پيرزاده ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته آزاد اميدوار جبران ناصر به ميدان تي لٿل آهي.  تڪن ۾ ننڍي چونڊ سڀاڻي ٿيندي جنهن لاءِ پولنگ جو سامان پهچائڻ جو ڪم جاري آهي. اليڪشن ڪميشن موجب اين اي 247 ۾ رجسٽرڊ ووٽن جو تعداد 5 لک 46 هزار 451 ۽ پي ايس 111 ۾ تعداد هڪ لک 78 هزار 965 آهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته اين اي 247 لاءِ 240 پولنگ اسٽيشنز ۽ پي ايس 111 لاءِ 80 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن جڏهن ته پولنگ جو عمل صبح 8 وڳي کان شام پنجين وڳي تائين جاري رهندو. اليڪشن ڪميشن موجب اين اي 247 تي 12 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن ۽ پي ايس 111 ۾ 16 اميدوار ميدان تي لٿل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي ڏاڍ تي يورپي پارليامينٽ ۾ به ٿرٿلو….

برسلز (ويب ڊيسڪ) يورپي پارليامينٽ ۾ انساني حقن جي ڪميٽي ڀارت کان والاريل ڪشمير ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے