15 جمعرات , نومبر 2018

هيسائڻ خلاف مردن کي به درخواست ڏيڻ جو حق هئڻ گهرجي: ڪشمالا طارق

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) هيسائڻ جي خاتمي بابت محتسب ڪشمالا طارق چيو آهي ته هيسائڻ خلاف عورتن سان گڏ مردن کي به درخواست ڏيڻ جو حق هئڻ گهرجي. محتسب ڪشمالا طارق قانون واري وزارت کي تجويزون موڪليون آهن جنهن ۾ هيسائڻ جي خاتمي بابت محتسب جا اختيار ۽ دائرو وڌائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. ڪشمالا طارق جو چوڻ آهي ته ايڪٽ ۾ عورت بدران شخص جو لفظ استعمال ڪيو وڃي، مرد توڙي عورت سڀ هيسائڻ خلاف درخواست ڏيڻ جا اهل هجن، قانون ۾ جنسي بدران عام هيسائڻ کي شامل ڪيو وڃي. ڪشمالا طارق چيو ته محتسب کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو اختيار ڏنو وڃي، ڪنهن واري هنڌ ڪنهن به قسم جي هراسمينٽ سزا جوڳو ڏوهه هجي، ضابطا اخلاق لاڳو نه ڪندڙ اداري خلاف ڪارروائي جو اختيار هجي، هيسائڻ جي خاتمي لاءِ ادارن ۾ ڇاپن جو اختيار به هجي، معائني ٽيم موقعي تي ڇاپو هڻي ڏنڊ هڻي سگهي. محتسب ٻي شخص کي اختيار ڏيڻ جو اهل به هجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے