15 جمعرات , نومبر 2018

فوج بابت تڪراري بيان تي نهال هاشمي خلاف ڪيس لاءِ درخواست داخل

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج بابت بيان تي شهري مسلم ليگ ن اڳواڻ نهال هاشمي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي. لاهور ۾ نهال هاشمي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تجمل حسين گوندل ايڊووڪيٽ سول لائن ٿاڻي ۾ درخواست داخل ڪئي آهي.  درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نهال هاشمي توهين عدالت ڪيس ۾ سزا مليل آهي، هن پاڪ فوج خلاف بيان جاري ڪري اداري جي تذليل ڪئي آهي، سندس ڳالهين سان هر پاڪستاني جي دل آزاري ٿي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نهال هاشمي پرڏيهي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي، سندس بيان سان عالمي سطح تي ملڪ جي بدنامي ٿي آهي تنهن ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري قانون ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي طرف پيمرا نهال هاشمي جو بيان جاري ڪندڙ چئنلز کي شوڪاز نوٽيس جاري به جاري ڪري ڇڏيو آهي. شوڪاز نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته ادارن خلاف اعتراض جوڳي ٻولي استعمال ڪرڻ واري شخص کي جاءِ ڇو ڏني وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے