22 جمعہ , فروری 2019

عالمي سياست تي اثرانداز ٿيندڙ صحافي جمال خاشقجي جو قتل

ماهم سنڌي

پنهنجي پنهنجي  مفاد تي ٻڌل  سعودي عرب ۽ آمريڪا جي دوستي اهڙي قسم جي دوستي آهي ،  جو آمريڪا ان تي هميشه مٿڀرو ٿي رهيو آهي . ڀلي ڪهڙا به مامرا هجن آمريڪا سعودي عرب کي هميشه پنهنجي حمايت ۾ بيهاريندو آهي .ايران تي پابندي هجي،  چين سان تعلقات هجن ،  يمن ۾ ويڙھ هجي ،اسراِئيل فلسطين مسئلو  يا قطر تي پابنديون هجن ،سعودي عرب هڪ فرمانبردار دوست جيان اڳيان اڳيان رهيو آهي . القاعده ۽ طالبانن جي پرورش کان وٺي کين مختلف ملڪن ۾ موڪلي گهرو ويڙھ ڪرائڻ وارن سڀ پاليسين ۾ سعودي گڏ گڏ رهيو آهي .

سعودي عرب جيڪو تيل جي دولت سان مالامال آهي ، سو آمريڪا کي سستي اگهن تي تيل پڻ فراهم ڪندو آيو آهي . ان جي بدلي آمريڪا جديد قسم جا ٺهيل هٿيار ۽ ٻي امداد سعودي کي ڏيندو پيو اچي . پر اوچتو ئي عالمي سياست ۾ تڏھن تبديلي آئي جڏهن سعودي ڄائي۽ سعودي جي اڳوڻي صلاحڪار ۽ هاڻوڪي آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ جي صحافي ،  جمال خاشقجي جي ترڪي ۾ موجود سعودي عرب جي سفارتخاني ۾ گم ٿيڻ جو خبرون اچڻ لڳيون. هاڻي ته سندس قتل ٿيڻ جون خبرون پڻ ڦھلجي ويون آهن . جمال خاشقجي  سعودي حڪومت کان عليحدگي بعد ان جي پاليسين  ۽ بادشاهت تي ڇتي تنقيد ڪندو هو ،گڏوگڏ اهو به چيو پيو وڃي ته کيس سعودي عرب جي حڪومتي سطح تي وڏين ڳجهين ڳالهين جي خبر هئي. (ممڪن آهي اهي راز هو آمريڪا سان به ونڊينڊو هجي) ۔  سندس تنقيد سبب سعودي عرب جي سڀني وڏن ميڊيا هائوسز پاران ڪڍيو ويو ۽ نيٺ ھو  گذريل سال پاڻ مرادو جلاوطن ٿيو، جيڪو پوءِ واشگنٽن اخبار ۾ لکڻ لڳو پر تنقيد جو سلسلو جاري هيو . صحافي جميل خاشقجي 2 آڪٽوبر ﺗﻲ استنبول ۾ قائم سعودي سفارتخاني ۾ طلاق جا ڪاغذ وٺڻ ويو ،  جئين هو پنهنجي مڱيندي هاتف چنگيز سان شادي ڪري سگهي . ان جي مڱيندي موجب ان کان اندر ويندي موبائل ٻاهر جمع ڪرايو ويو هو . اهو صحافي جڏھن ترڪي جي گادي واري هنڌ استنبول ۾ موجود قونصليٽ ۾وڃي رهيو هيو ته  ٻاهر بيٺل مڱيندي کي چوڻ لڳو ته جيڪر آئون ٻاهر نه نڪران ته سڌو ترڪي صدر رجب طيب اردگان جي هڪ صلاحڪار سان رابطو ڪجان . جمال خاشقنجي ان وقت کانپوءِ 2 هفتن کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود پراسرار نموني گم آهي ۽ سندس ڪو پتو ناهي . سفارتخاني اندر لڳل ڳجهن ڪئمرائين جي فوٽيج موجب صحافي اندر داخل ٿيندي نظر آيو ، پر واپس نڪرندي نظر ناهي آيو.

هڪ خبر موجب هڪ ڏينهن اڳ ترڪ اختيارين سعودي سفارتخاني جي تلاشي ڪئي ۽ 8 ڪلاڪن تائين جاچ پڙتال ڪئي، جنهن بابت اهو به چيو ويو ته سفارخاني جي هڪ ڪمري ۾ نئون رنگ پڻ ڪرايو آهي.

سي سي ٽي وي فوٽيج  ۾ اهم ۽ شڪ ۾ مبتلا ڪندڙ ڳالھه اها آهي ته ، صحافي جي وڃڻ جي اڌ ڪلاڪ بعدهڪ وين مان 15 فرد قونصيلٽ جي آفيس اندر داخل ٿين ٿا ۽ اڌ ڪلاڪ بعد ڪجهھ بند ٿيل دٻا کڻي ٻاهر نڪرن ٿا .  ترڪي پاران ڪيل تحقيق ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته اهي پندرهن ماڻهو ان هٿياربند ڪمپني جا ماڻهو آهن ،  جيڪي ڀتو ڏئي ماڻهن جو قتل ڪرائي ثبوت مٽائي ڇڏين ٿا . مشهور اخبار نيورياڪ ٽائيمز چوي ٿي انهن 15 ماڻهن جمال خاشقجي جوقتل ڪري سندس لاش جا ڳڀا ڳڀا ڪري انهن دٻن ۾ وجهي ٻاهر کڻي ويا آهن ،  جيڪي وڊيو ۾ نظر اچي رهيا آهن . ترڪي ميڊيا موجب انهن کي هڪ آڊيو ريڪارڊنگ (آواز وارو پيغام)  مليو آهي . خبر ۾ ڄاڻايل آهي ته  صحافي جي آواز سندس ايپل واچ ۾ رڪارڊ ٿي ويو هئي، جنهن مان جمال خاشقجي جي موت جي تصديق ٿئي ٿي . ان ريڪارڊنگ موجب صحافي کي انتهائي  وحشتناڪ طريقي سان ماريو ويو هيو . ان ريڪارڊنگ ۾ سعودي قونصل  جنرل محمد العتبيبي جي آواز به ٻڌي سگهجي ٿو  ۽ اهو چئي پيو ته اهو ڪم ٻاهر وڃي ڪريو توهان مون کي به مشڪل ۾ وجهندا.

آمريڪا پاران مطالبو آهي ته اها آواز جي رڪارڊنگ اسان کي جلد ڏني وڃي . ان صحافي جي مارجڻ تي هڪ طرف آمريڪا سخت ڪاوڙ ۾ آهي .   ٻي طرف ترڪي پريشان آهي ته ڪئين آخر سعودي عرب منهنجي ملڪ ۾ هڪ ماڻهو جو قتل ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو ؟ ٻي طرف سعودي خلاف هليل خبرن سبب اهو دنيا جي نظرن جو مرڪز بڻيو پيو آهي . شروع ۾ ته آمريڪي ڪانگريس سڌا الزام هنيا ته جمال خاشقجي جي قتل ۾ سڌي طرح سعودي بادشاھ محمد بن سلمان ملوث آهي،  پر بعد ۾ انهن ڪجهھ نرمي آندي . ان صحافي جي مبينا قتل سڄي عالمي سياست ۾ افراتفري پيدا ڪري وڌي آهي . آمريڪا پنهنجي پراڻي اتحادي سعودي عرب تي سخت ڏمريل آهي ۽  کيس ڌمڪائي به رهيو آهي . ڌمڪين جا پيغام کڻي آمريڪي اسٽيٽ سيڪريٽري مائيڪ پومپيو پڻ سعودي عرب پهچي بادشاھ محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي آهي،  ان بعد هاڻي هو ترڪي ۾ موجود آهي . ان سان گڏ برطانيا سميت يورپ جا ملڪ فرانس، جرمني، اسپين  سعودي عرب جو معاشي بائيڪاٽ ڪرڻ جو چئي رهيا آهن .  ايندڙهفتي سعودي ۾ ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت نه ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي. جڏهن ته وڏين ميڊيا جي ادارن گارجين،  نيورياڪ ٽائيمز ، الجزيرا ، بي بي سي ، دي ٽيليگرام، دي اڪانامسٽس ،  احتجاجن پنهنجا صحافي واپس گهرائي ورتا آهن. باقي روس ۽ چين ماٺ ميٺ وارو رستو وٺندي آمريڪا جي کلي حمايت نه ڪري رهيو آ،  نه ئي ترڪي سعودي عرب تي معاشي پابندين جي حق ۾ ڪو بيان ڏئي رهيو آهي .  ترڪي جيڪو اڳ ئي صحافين جي حوالي سان غيرمحفوظ ملڪ آهي  اتي جمال خاشقنجي جي قتل  وائکوڪري ڇڏيو ته ،  اڄ به صحافت جو شعبو غيرمحفوظ ۽ خطري وارو آهي . ترڪي جو موجوده صدر رجب طيب اردگان صحافين مٿان تشدد ڪرائڻ ، پابنديون لڳرائڻ ۽ جيل ۾ بند ڪرائڻ ۾ تمام اڳيان وڌيل آهي . واضح رهي ته سرڪاري طور ڪنهن به حڪومت اڃا ان صحافي جي مارجڻ جي تصديق ناهي ڪئي.

ڪهاڻي جو هڪ پاسو هي به آهي ته گذريل مهيني آمريڪا سعودي وچ ۾  جيڪو ( دي آرگنائيشن آف پيٽروليم ايڪسپورٽنگ ڪنٽريز   OPEC ) واري معاهدي تي ڪجھه نا اتفاقي ٿي پئي هئي . اوپيڪ  جنهن تيل جي قيمتن جي واڌ جي منظوري ڏني ته آمريڪا ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ سخت مخالفت ڪيائين . آمريڪا ۾ هڪ سياسي جماعت جي ريلي ۾پهرين دفعا  اهي نعرا هنيا ويا هيا ته ،  سعودي آمريڪي امداد بغير ٻه هفتا به نٿو هلي سگهي . جيتوڻڪ آمريڪا اربين ڊالرن جا هٿيار سعودي عرب کي سستي تيل جي برآمد لاءِ مهيا ڪندو آهي . وري ان بعد جلد ئي  جمال خاشقجي جو قتل جيڪو هڪ منظم سازش تحت پيو لڳي ، تنهن سعودي آمريڪي تڪرار ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي . جن ملڪن تيل جي قيمتن جي واڌ جي مخالفت ڪئي، سي هاڻي سعودي تي معاشي پابندي مڙھڻ جو پڻ چئي رهيون آهن .

اها ڳالهھ به ناممڪن ڪونهي ته ٿي سگهي سعودي کي ڪمزور ڪرڻ ۽پنهنجي ضد مڃائڻ لاءِ آمريڪا پنهنجو قابل صحافي قربان ڪيو هجي ؟ آمريڪا سعودي عرب کي ڊيڄارڻ لاءِ اهي به شوشا ڇڏي رهيو آهي ته ،  جيڪر سعودي حڪومت اسانجي ڳالھ نه مڃي ته ايندڙ وقت ۾ اسين ايران مٿان لڳايل پابندين کي هلڪو ڪري  ، ان طرف دوستي جو هٿ وڌائي سگهون ٿا ،  جيڪو ڪنهن به صورت ۾ سعودي لاءِ قابل قبولنه هوندو . تازو ئي واشگنٽن پوسٽ جمال خاشقجي جو آخري لکيل ڪالم پڻ ڇاپيو ويو  آهي ،  جنهن ۾ هو چئي ٿو ته عرب دنيا ۾ اظهار جي آزادي بلڪل ناهي. اظهار جي آزادي نه هجڻ سبب  اهڙن ملڪن جا رهواسي تنهنڪري ئي پنهنجي حقن کان لاعلم  رهن ٿا. هتان جي ميڊيا عوام تائين مڪمل سچ ناهي پهچائيندي . عرب اسپرنگ ذريعي اميد ٿي هئي ته شايد حالتون تبديل ٿينديون پر اها اميد ختم ٿي چڪي آهي .

هونئن ته وڏا ملڪ پنهنجي سياسي کيڏ کيڏڻ لاءِ هڪ صحافي ته ڇا عوام کي قربان ڪندي ويرم ناهن ڪندا ، پر صحافت جي شعبي سان لڳاپيل صحافي جو قتل عالمي سياست کيبدلائڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي . صحافي جو ٿيل بي رحمي سان قتل سڀن صحافين لاءِ ڳڻتي جوڳي ڳالهھ آهي ،  جنهن ڪري عالمي سياست کي ڦيرو اچي ويو آهي.ڏسجي ته آمريڪا سعودي دوستي مستقبل ۾  وڌيڪ گهري ٿي ٿئي يا دوستاڻا تعلق ماضي جو قصو بڻجي ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه ڪامريڊ سليم اڄ سنگت کي خوش ٿي اهو ٻڌائيندو رهيو ته ”عمران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے