16 ہفتہ , فروری 2019

نيوز:سن: انڊس هاءِ وي روڊ تي  وين ۽ ڪار ۾ ڪنهنجي لاپرواهي سبب حادثو پيش آيو؟

سن  ويجهو  خاڻوٺ ڀرسان انڊس هاءِ وي روڊ تي  وين ۽ ڪار جي ٽڪر ۾ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

دادو کان حيدرآباد طرف ويندڙ تيز رفتار مسافر وين ۽ حيدرآباد کان خاڻوٺ طرف ويندڙ  ڪار جي وچ ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽  11 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.

زخمين ، سهيل ، واجد ، راضا محمد ، بهادر ، مسمات شبانه . مصطفى شاھ محمد ، اشرف ، رياض ، راشد، محمد يوسف ، الاهي بخش ، محمود  ۽ عاشق شامل آهن.

اطلاع تي ايدهي ايمبولينس سروس ذريعي ڳوٺاڻن  زخمين کي ڄامشوري  اسپتال پهچايو جتي ايمرجنسي لاڳو ڪري زخمين کي طبي امداد ڏني وئي.

اسپتال ۾ هڪ  ڄڻو خاڻوٺ واسي ماجد زخمن جا  تاب نه سهندي اسپتال جي آءِ سي  يو وارڊ ۾ فوت ٿي ويو.

لاش پوسٽ مارٽم کان پوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو  جنهن کي وارث پنهنجي آباڻي ڳوٺ خاڻوٺ کڻائي آيا.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي حادثي جو شڪار ٻنهين گاڏين کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڀرياسٽي: نيٺ سماجي اڳواڻ قربان علي چانڊيو جي سار ڪير لهندو؟؟

ڀرياسٽي: نيٺ سماجي اڳواڻ قربان علي چانڊيو جي سار ڪير لهندو؟؟

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے