15 جمعرات , نومبر 2018

پاڪستان جو چناب درياءَ تي تڪراري ڊيمن جي معائني لاءِ ڀارت سان رابطو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني انڊس واٽر ڪمشنر چناب درياءَ تي ٺهندڙ تڪراري ٽيم جي تفصيلي معائني لاءِ ڀارت کي وڌيڪ هڪ خط لکي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب پاڪستاني انڊس واٽر ڪمشنر سيد مهر علي شاهه ڀارتي انڊس واٽر ڪمشنر  پي ڪي سڪسينا سان پهريون فون تي رابطو ڪيو ۽ 2 مهينا اڳ لاهور ۾ ٿيل ڳالهين بعد ايجنڊا تحت چناب درياءَ تحت چناب درياءَ تي بگليهار ڊيم سميت ٻين تڪراري آبي رٿائن جي معائني لاءِ پاڪستاني ٽيم جي دوري جي ڳالهه ڪئي پر ڀارت پاران ساڳي پراڻي روايت مان نه مڃان جي رٽ برقرار رهي ته اڃا معائنو نه ٿا ڪرائي سگهن. ڀارت پاران هاڪاري جواب نه ملڻ تي پاڪستاني انڊس واٽر ڪمشنر ان حوالي سان خط به لکي ڇڏيو آهي خط گذريل خميس تي موڪليو ويو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ طاس معاهدي تحت ڀارت پاڪستان جي دريائن تي ٺهندڙ ڊيمن جو تفصيلي معائنو ڪرائي. پاڪستان ڀارت کان وڌيڪ تڪراري آبي ذخيرن جي ڊيٽا به طلب ڪئي جيڪا ڀارت فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، پاڪستان ان مسئلي تي به واضح ڳالهيون ڪندو.  پاڪستاني ٽيم کي هلندڙ مهيني جي شروع ۾ ڀارت وڃي چناب درياءَ تي ٺهندڙ تڪراري ڊيمن جو معائنو ڪرڻ هو پر ڀارت موقعي تي معائنو ڪرائڻ کان انڪار ڪيو. پاسڪتان ڀارت کان وڌيڪ تڪراري آبي منصوبن جي ڊيٽا به طلب ڪئي جيڪا ڀارت فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے