21 بدھ , نومبر 2018

ڪي اليڪٽرڪ جي هاءِ ٽينشن لائن ٽرپ، شهر ۾ بجليءَ جو ڊگهو بريڪ ڊائون

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي هاءِ ٽينشن لائن ٽرپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ شهر جا ڪيترائي علائقا بجلي کان محروم ٿي ويا آهن. نيشنل گرڊ مان ڳنڍيل پپري، نارٿ ناظم آباد، نارٿ ڪراچي، ناظم آباد، سرجاني، ڪلفٽن، لالا زار، گاردن، جيڪب لائن ۽ ايلنڊر روڊ جا گرڊ اسٽيشن به ٽرپ ٿي وئي آهي جنهن سبب شهر جي 70 سيڪڙو حصي کي بجلي ڪاٽا ٿي وئي آهي. گرڊ اسٽيشن بند ٿيڻ سبب نارٿ ڪراچي، ناظم آباد، نارٿ ناظم آباد، سرجاني، نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا، نصرت ڀٽو ڪالوني ۽ بفرزون ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي.  لياقت آباد سي ون ايريا، ڪورنگي بورڊ آفس، پهاڙ گنج، يوسف ڳوٺ، سنڌي هوٽل، پاور هائوس چورنگي، ڊفينس، پي آءِ بي ڪالوني، قائد آباد، گلشن اقبال، گلستان جوهر، محمود آباد، اختر ڪالوني، ڪشمير ڪالوني، ڪلفٽن، آءِ آءِ چندريگر روڊ، کارادر ۽ صدر سميت اولڊ سٽي ايريا جا علائقا به بجلي کان محروم ٿي ويا آهن. ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته نيشنل گرڊ جي لائن ٽرپ ٿيڻ سبب رابطو ڪاٽا ٿيو آهي ۽ اوچتو سپلاءِ معطل ٿيڻ سبب مقامي سرڪٽس ۾ ٽرپنگ ٿي آهي. هن چيو ته بجلي جي بحالي لاءِڪم شروع ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪجهه ڪلاڪ لڳندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے