20 منگل , نومبر 2018

ناياب جانورن ۽ پکين جي سمگلنگ خلاف ڪارروائي جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) جانورن، پکين ۽ سندن عضون جي خريد ۽ وڪري ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.  پنجاب جي جهنگلي جيوت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر نعيم ڀٽي ٻڌايو ته کاتي سوشل ميڊيا ذريعي ناياب جانورن ۽ پکين جي خريد ۽ وڪري جو غير قانوني ڪم ڪندڙن خلاف ڪارروائي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي، اها ڪميٽي نه رڳو پاڻ اهڙن عنصرن خلاف ڪارروائي ڪندي آهي پر ايف آءِ اي کي به ڪارروائي لاءِ درخواست ڪندي آهي.  ناياب جانورن جي خريد ۽ وڪري لاءِ غير قانوني واپاري سوشل ميڊيا سائيٽ فيس بڪ جي پيجن ۽ گروپن جو استعمال ڪندا آهن. ناياب جانور جنهن ۾ پينگولين، ڪڇون، باز، تلور، ناياب ڪرڙي ۽ اڻلڀ ٿيندڙ جانور ملڪ کان ٻاهر موڪليا ويندا آهن. پاڪستان ۾ جهنگلي جيوت جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ اداري ڊبليو ڊبليو ايف طرفان اهڙن پکين ۽ جانورن جي لسٽ به جاري ڪئي وئي آهي جن جي بقا خطري ۾ آهي تنهن ۾ برفاني رڇ، هرڻ، تازي پاڻي ۽ سامونڊي پاڻي جي ڪڇن جا ڪيترائي قسم شامل آهن جن جو پاڪستان ۾ تعداد آڱرين تي ڳڻپ جيترو رهجي ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان طرفان آءِ ايم ايف جون ڪجهه شرطون مڃڻ کان انڪار، ڳالهيون بنا نتيجي ختم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان آءِ ايم ايف ڪجهه مطالبا تسليم ڪرڻ کان انڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے