21 بدھ , نومبر 2018

معيشت تي ڪابه خطري جي گهنٽي ناهي، آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام هوندو: اسد عمر

 ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري وزير اسد عمر چيو آهي ته آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام هوندو، ميڊيا ۾ معيشت تي طوفان اچي رهيو آهي، ايئن ناهي، ڪابه اهڙي خطري جي گهنٽي نه وڄي رهي آهي.  پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ڪراچي ۾ بروڪرن کي خطاب ڪندي اسد عمر چيو ته  پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج لاءِ ڀرپور قدم کنيا ويا آهن، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهترين گروٿ آهي، بهترين نتيجن لاءِ محنت جاري رکڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ تمام گهڻو مهانگو ڪيو ويو آهي، ازالو آهي، ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري جي ماحول کي مجموعي طور بهتر ڪرڻو آهي. سندس چوڻ هو ته مارڪيٽ ريگوليٽ ٿيڻ گهرجي، اوور ريگوليت نه، ڪاروبار ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن. اسد عمر چيو ته  ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو اڍائي ارب رپين مان وڌي 18 ارب ڊالر ٿي ويو آهي پر خسارو گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي ۽ سيپٽمبر ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ٿيندو.  هن چيو ته هي آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام هوندو، 7 کان 8 مهينن ۾ ڊالر جي ملهه ۾ 26 کان 27 سيڪڙو گهٽتائي ٿيندي، معاملا ڪنٽرول ۾ اچي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته چادر ڏسي پير ڊگها ڪرڻ گهرجن، مون کي 21 ڪروڙ پاڪستانين کي بچائڻو آهي، امپورٽرن ايترو پئسو ڪمايو جنهن جي ڪابه حد ناهي، امپورٽرن رپئي جو ملهه گهٽ ٿيڻ ان انونٽري تي اربين رپيه ڪمايا آهن. اسد عمر چيو ته هلندڙ سال 12 ارب ڊالر جون فنانسنگ گيپ آهي، مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري ٽيڪسيشن سبب گهٽ آهي ته ٺيڪ ڪرڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف سان ڪيمبرين پيٽرول ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ٽيم جي ملاقات

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) جو چوڻ آهي ته آرمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے