20 منگل , نومبر 2018

نيوز:ڳڙهي ياسين: انجمن طلباءَ  اسلام جو تعليم لاءِ وڏو قدم، حڪومت پريشان

مرڪزي صدر انجمن طلباءَ  اسلام عبدالسلام اعواڻ چيو آهي تھ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ تعليم جي سڌاري لاءِ رابطا مهم شروع ڪئي آھي.

ڳڙھي ياسين پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عبدالسلام اعواڻ چيو تھ انجمن طلباءَ  اسلام پاران تعليمي معيار بهتر ڪرڻ لاءِ تعليم جي سڌاري لاءِ مهم شروع ڪئي وئي آهي .

هن چيو تھ شاگردياڻين سان ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ ناجائزيون ٿي رهيون آھن،  ٻھراڙين سميت شھرن ۾ به اسڪول بند پيل آھن.

عبدالسلام اعواڻ چيو تھ سنڌ گورنمينٽ پاران ايجو ڪيشن ڊپارٽمينٽ لاءِ وڏي بجيٽ رکڻ باوجود تعليم جو ٻيڙو ٻڏل آھي.

هن  چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل  ڪئي تھ ججن تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي اسڪولن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ سروي ڪرائي وڃي ۽ جيڪي به مسئلا درپيش آھن انهن بابت جامع رٿا بندي ڪري انهن کي حل ڪيو وڃي.

عبدالسلام اعواڻ چيو تھ  انجمن طلباءِ اسلام پاران پوري ملڪ ۾ سجاڳي لاءِ  ڊويزن  ۽  ضلعن ليول تي سيمينار ڪرايا پيا وڃن ته جيئن شاگردن ۾ تعليمي سجاڳي پيدا ٿئي…………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : قاضي احمد: وياجين جو آزار چوٽ چڙھي ويو، انتظاميھ خاموش

*قاضي احمد شھر  ۾  وياجين جو آزار چوٽ چڙھي ويو، ڪيترائي سفيد پوش گھراڻن جا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے