22 پیر , اپریل 2019

افغان پارلياماني چونڊن دوران حملا ۽ ڌماڪا، 21 اهلڪار مارجي ويا

ڪابل( ويب ڊيسڪ ) افغانستان جي گادي واري هنڌ ڪابل ۾ پولنگ اسٽيشن ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ 21 پوليس اهلڪار مارجي ويا، جڏهن ته 4 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري موجب پوليف چيف ٻڌايو ته افغانستان جي گادي واري هنڌ ڪابل جي اترين علائقي ۾ قائم پولنگ اسٽيشن ويجهو بم نصب جو جيڪو ناڪاري بڻائڻ دوران ڦاٽي پيو.  پوليس موجب ڌماڪي ۾ ٻن پوليس اهلڪارن سميت 4 ماڻهو زخمي ٿي پيا.  افغان صوبي غور ۾ شدت پسندن پولنگ اسٽيشن ويندڙ پوليس اهلڪارن تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 21 پوليس اهلڪار مارجي ويا.  افغان گهرو وزارت موجب حملن کانپوءِ پولنگ اسٽيشنن تي سڪيورٽي وڌائي وئي آهي جنهن تحت وڌيڪ 20 هزار اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي. افغان گهرو وزارت جي ترجمان موجب پارلياماني چونڊن جي سلسلي ۾ 32 صوبن ۾ 4900 پولنگ سينٽر ۽ 20 هزار پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نئون ديرو ڀٽو هائوس تي ڇاپو، آصف زرداري جو ويجهو ساٿي گرفتار

نئون ديرو(ويب ڊيسڪ) نيب جي گڏيل جاچ ٽيم ڀٽو هائوس ۾ ڇاپي دوران اڳوڻي صدر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے