21 بدھ , نومبر 2018

نيوز:سکر: ملاح برادري،  زبردستي مڇي  ماريندڙ بااثرن خلاف ڪهڙو مطالبو ڪيو آهي؟

سکر ۾ ملاح برادري پاران  زبردستي مڇي  ماريندڙ بااثر ماڻهن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ملاح برادري بئراج مان نڪرندڙ ڪيئنالن رائيس، دادو ۽ کيرٿر ڪيئنال مان غيرقانوني مڇي ماريندڙ بااثر ماڻهن خلاف قاسم مارڪيٽ ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي  فهد، برڪت، زاهد ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ  سپريم ڪورٽ طرفان  ملاح برادري کي مٺن پاڻين تان مڇي مارڻ جو حق مليل آهي.

هنن چيو تھ  آبپاشي ملازم سيف الله سولنگي فشريز عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري پنهنجي  ويجهن  مائٽن  وحيد سولنگي ۽ سڪندر سولنگي کان  هٿيارن جي زور تي ڪيئنالن مان مڇي مارائي رهيو آهي.

سندن چوڻ هو تھ  کين لائسنس هجڻ باوجود بااثر سيف الله سولنگي، وحيد سولنگي ۽ سڪندر سولنگي مڇي مارڻ کان  روڪي رهيا آهن دانهڻ باوجود فشريز کاتي جا لاڳاپيل عملدار قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهن.

 هنن وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته بااثر ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڏياريو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| خانپورمھر: سرورڪائتات جي آمد جو ڏهاڙو نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

خانپورمھر  ۾ سرورڪائتات جي آمد جو ڏهاڙو نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے