15 جمعرات , نومبر 2018

سياسي ڪامورا شاهي ۽ پوليس اسان جو ڪم خراب ڪري رهيا آهن: وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان ڪامورا شاهي تي تنقيد چيو آهي ته انتظامي سطح تي اسان لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪيون پيون وڃن. اسلام آباد ۾ سينئر صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪامورا شاهي ۾ پراڻي حڪومت جا ماڻهو هر هنڌ ويٺل آهن، سياسي بيورو ڪريسي ۽ پوليس اسان جو ڪم خراب ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ماضي جي حڪومتن قرضن کي 36 ٽريلين تائين پهچايو آهي، ايندڙ ٻن مهينن ۾ جيڪڏهن حڪومت پئسا نه وٺي ها ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي ها، آءِ ايم ايف جو اصل مسئلو سندن شرط آهن. وزيراعظم عمران خان چيو ته مخالف ڌر کي خبر آهي ته ڪرپشن جي الزامن ۾ هنن مان ڪير به نه بچندو، تنهن ڪري هو گوڙ ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان جي نيب ۾ سڌي ڪابه مداخلت ناهي، بجلي جي اگهن ۾ اضافي کانسواءِ ڪو رستو نه هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے