21 پیر , جنوری 2019

مهانگائي کانسواءِ حڪومت جي پاليسي نظر نه اچي رهي آهي: بلاول

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مهانگائي کانسواءِ حڪومت جي ڪابه پاليسي نظر نه اچي رهي آهي،  حڪومت ڏينهون ڏينهن مهانگائي ڪري غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گئس جي اگهن ۾ واڌ تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته حڪومت جي معاشي پاليسي جو ڪو به رخ نظر نه اچي رهيو آهي. هن چيو ته مهانگائي کانسواءِ حڪومت جي ڪابه پاليسي نظر نه اچي رهي آهي، حڪومت ڏينهون ڏينهن مهانگائي ڪري غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هو ته آءِ ايم  ايف وٽ نه وڃڻ جو اعلان ڪندڙ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو قرض وٺي رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هي ڪهڙي حڪومت آهي جيڪا معاشي پاليسي ڏيڻ بدران عوام جي کيسن تي ڌاڙو هڻي رهي آهي، اسان پنهنجي دور ۾ بدترين مالي ڏکيائين کي منهن ڏنو، معاشي زبون حالي باوجود عوام کي مهانگائي کان محفوظ رکيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جي دور ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل 148 ڊالر في بيرل هو پر اسان اگهن ۾ واڌ نه ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ساهيوال سانحي ۾ مارجي ويل ڊرائيور جي وارثن کي ڌمڪيون ڏئي تدفين ڪرائي وئي: راجا پرويز اشرف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ساهيوال سانحي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے