18 جمعہ , جنوری 2019

ڪراچي يونيورسٽي جون جعلي ڊگريون پنجاب ۾ وڪرو ڪندڙ استاد گرفتار

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اينٽي ڪرپشن اختيارين ملتان ۾ ڪراچي جون جعلي ڊگريون وڪرو ڪرڻ جي الزام ۾ سرڪاري اسڪول جي هڪ استاد کي گرفتار ڪري ورتو. اينٽي ڪرپشن اختيارين موجب گورنمينٽ هاءِ اسڪول بلند پور جي استاد محمد نواز تي 3 لک رپين عيوض هڪ ڇوڪري کي بي اي جي جعلي ڊگري ڏيڻ جو الزام آهي. اينٽي ڪرپشن جي اختيارين موجب جاچ دوران جوابدار چئن ماڻهن کي بي اي ۽ ايل ايل بي جون ڊگريون ڏيڻ جو اعتراف ڪيو. اختيارين موجب جوابدار کي ڪراچي يونيورسٽي جي عملي جا ڪجهه ماڻهو ڊگريون فراهم ڪندو آهي جيڪي وڪرو ڪيون وينديون آهن. اينٽي ڪرپشن اختيارين موجب جوابدار جو ستن ڏينهن جو رمانڊ منظور ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم طرفان شهرين جا مسئلا اوليتي بنياد تي حل ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ ڪوتاهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے