21 جمعرات , فروری 2019

آمريڪا طرفان روس سان ايٽمي هٿيارن جو معاهدو ختم ڪرڻ جو اعلان

Donald Trump says US to withdraw from nuclear weapons pact due to Russian violationsواشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته آمريڪا روس سان جوهري هٿيارن جي معاهدي کان الڳ ٿي ويندو. تفصيل موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته آمريڪا روس سان گڏ ايٽمي هٿيارن جي تاريخي معاهدي کي ختم ڪري رهيو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته روس 1987 جي انٽر ميڊيٽ رينج نيو ڪليئر فورسز ( آءِ اين ايف) معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. آءِ اين ايف معاهدي موجب زمين تان وچ واري فاصلي تائين وار ڪندڙ ميزائيلن تي پابندي آهي، اهو فيصلو 500 کان 5500 ڪلوميٽر آهي. آمريڪي صدر چيو آهي ته آمريڪا روس کي انهن هٿيارن جي اجازت نه ڏيندو، روس ورهين کان ان معاهدي جي پاسداري ناهي ڪري رهيو. ٻئي پاسي روس آمريڪي صدر جي آءِ اين ايف معاهدي جي ڀڃڪڙي واري بيان کي رد ڪندي چيو آهي ته انهن ان ميزائيل جي حوالي سان تمام گهٽ ڳالهايو آهي. ياد رهي ته روس صدر والاديمر پيوٽن 2007 ۾ اعلان ڪيو هو ته هي معاهدو هاڻ روس جي مفادن ۾ ناهي. روس طرفان اهو اعلان آمريڪا جي 2002 اينٽي بيلسٽڪ ميزائيل معاهدي کان الڳ ٿيڻ کانپوءِ سامهون آيو هو. واضح رهي ته 2014 ۾ اڳوڻي آمريڪي صدر براڪ اوباما روس تي آءِ اين ايف جي ڀڃڪڙي جو الزام مڙهيو هو جڏهن روس مبينا طور تي زمين تان وار ڪندڙ هڪ ڪروز ميزائيل جو تجربو ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ضرورت پوڻ تي ڀارتي شرپسندي جو ڀرپور جواب ڏيندو: مليحا لوڌي

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) پلواما واقعي کانپوءِ ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي پاڪستان گڏيل قومن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے