15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: کوسڪي: ڪالاباغ ڊيم خلاف ايس ٽي پي جو حيران ڪندڙ اعلان؟

*کوسڪي  ۾ ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جي فيصلي ۽ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ واري اعلان خلاف  ايس ٽي پي جي سڏ تي   احتجاج ڪيو ويو .

ايس ٽي پي جي ڪارڪنن شاهنواز سيال،صديق لاکاٽيو، غلام قادر مراداڻي، يوسف لاکاٽيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ..

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته  سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪري ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جيڪا ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندي.

 هنن ٻڌايو ته ايس ٽي پي سموري سنڌ ۾ وفاقي سرڪار پاران سنڌ ۾ ڌارين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ ڪالا باغ ڊيم جي خلاف لڳاتار احتجاج ڪري رهي آهي.

 هنن چيو ته سنڌوءَ تي ڪو به ڊيم ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي پوءِ چاهي ان جو ڪهڙو به نالو رکيو وڃي، ڌارين کي سڃاڻپ  ڪارڊ جاري ڪري لکين سنڌين جي روزگار ۽ حقن تي ڌاڙي هڻڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن جن کي سنڌ جي عوام رد ڪري ٿو.

 هنن مطالبو ڪيوڪيو ته ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جو فيصلو واپس وٺي سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم | پروگرام : ڳالهه ٻولهه

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم| ڳالهه ٻولهه | …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے