18 جمعرات , اپریل 2019

جهانگير ترين جي چوڌري ڀائرن سان ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين مسلم ليگ ق سربراهه چوڌري شجاعت حسين ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون، مرڪز ۽ پنجاب ۾ اتحادي حڪومت جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. ٽنهي اڳواڻن ملڪي معاملن تي گڏجي هلڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ شهباز شريف جي گرفتاري ۽ مخالف ڌر جي احتجاج تي به صلاح مشورا ڪيا ويا. چوڌري شجاعت حسين جهانگير ترين کي پنهنجو ڪتاب به پيش ڪيو. ان موقعي تي جهانگير ترين چيو ته چوڌري شجاعت حسين پاڪستان جي سياسي تاريخ جو روشن باب آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسد عمر ناڻي واري وزارت ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، تونائي واري وزارت قبولڻ کان انڪار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر عهدو ڇڏڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے