21 بدھ , نومبر 2018

نيوز | ڪوٽڙي:عورت جو لاش هٿ، انتظاميھ جي کنيل قدمن تي وارث پريشان!

ڪوٽڙي سائيٽ ايريا جي علائقي گلشن چوڪ وٽ پيرسن  عورت جو لاش هٿ آيو آهي .

اطلاع تي پوليس پهچي عورت جو مڙهه اسپتال منتقل ڪيو جتي فوتي عورت جي سڃاڻپ حاجره شيخ طور ٿي .

فوتي پيرسن عورت جي  پٽ اسلم شيخ  ٻڌايو ته سندس امڙ گذريل 6 ڏينهن کان گم هئي  جنهن جو پوليس کي پڻ اطلاع ڏنو هو .

هن ٻڌايو ته سندن پلاٽ جي معاملي تي اقبال بهاري سان تڪرار هلندڙ هو

هن الزام هنيو ته سندس امڙ کي اقبال بهاري ۽ شڪيل بهاري اغوا ڪرڻ بعد قتل ڪيو آهي.

تعلقه اسپتال ڪوٽڙي ۾ ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري مڙهه پوسٽ مارٽم لاءِ حيدرآباد نيو ويو .

فوتي پيرسن عورت جي پٽ ۽ ٻين وارثن ايس ايس پي ڄامشورو کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے