18 جمعہ , جنوری 2019

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته ڀارتي فورسز پلواما ۾ ڳورهاري عورت کي شهيد ڪيو، جنهن جي 15 ڪلاڪن کانپوءِ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي، پلواما ۾ ڪرفيو لڳايو ويو آهي، انٽرنيٽ سروس معطل آهي ۽ ڪشميرين جو قتل عام جاري آهي. سندس چوڻ هو ته عالمي برادري جو ڌيان ڪلگام ڏانهن به ڇڪايو ويو آهي، جتي 8 معصوم ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو، جڏهن ته ڪيترائي زخمي آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪم جونگ ۽ ٽرمپ جي ملاقات لاءِ اتر ڪوريا جي نمائندو واشنگٽن پهچي ويو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) اتر ڪوريا جو اعليٰ ترين سرڪاري آفيسر ڪم يونگ چول …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے