16 ہفتہ , فروری 2019

ڀٽ ڌڻي جي عرس ۾ 2 ڏينهن بچيا، ڪراڙ ڍنڍ وٽ قائم بازار فطري حسن بگاڙي ڇڏيو

ڀٽ شاهه (رپورٽ: نوشاد علي ٻگهيو) ڀٽ ڌڻي جي عرس مبارڪ ۾ باقي 2 ڏينهن، ڪراڙ ڍنڍ ڪپ وڪرو ڪري دڪانداري لڳائي وئي، شاهه جي ڪراڙ ڍنڍ جي خوبصورتي به متاثر ٿيڻ لڳي، اوقاف، ٽائون ۽ ثقافت کاتي جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل، لاکيڻي لطيف جو 275 هون عرس مبارڪ 14 صفر 24 آڪٽوبر کان شروع ٿي رهيو آهي، افتتاح گورنر سنڌ ڪندو، تياريون شروع ٿي ويون، شهر جا ٽٽل روڊ رستا نه ٺهي سگهيا، پانڌيئڙن کي پريشانيون پيش اچڻ جو امڪان، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان واپارين، دڪاندارن ۽ زائرينن جي آمد جو سلسلو شروع، ڀٽ شاهه جي پلاٽ ڪچي پڙي جي نالي تي2 کان 3 هزار رپيا فٽ وڪرو ٿي ويا، ضلعي انتظاميا ٻٽ، اوقاف ۽ ثقافت کاتي طرفان انتظام مڪمل هئڻ جون دعوائون، پانڌيئڙن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون، عملدار، خبر موجب حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو 275 هون عرس مبارڪ 14 صفر 24 آڪٽومر کان ڀٽ شاهه ۾ شروع ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ باقي 2 ڏينهن وڃي بچيا آهن، عرس جي موقعي تي ڀٽائي سرڪار جي تاريخي ڪراڙ ڍنڍ جي ڪپ کي وڪرو ڪري بازار لڳائي وئي آهي، جنهن سان ڪراڙ ڍنڍ جي خوبصورتي متاثر ٿيڻ لڳي آهي، ضلعي انتظاميا جي ملي ڀڳت سان ڪراڙ ڍنڍ جو ڪپ 2 کان 3 هزار رپيا فٽ وڪرو ڪيو ويو، ثقافت، اوقاف ۽ ٽائون انتظاميا طرفان تياريون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن، ٻئي پاسي شهر جي روڊ رستن جي مرمت نه ٿي، نالي ماتر پٿر وڇائي بجيٽ هڙپ ڪئي وئي آهي، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان واپارين ۽ زائرين جو ڀٽ شاهه آمد شروع ٿي وئي آهي، شهر جا پلاٽ ڪچي پڙي جي نالي تي 2 کان 3 هزار رپيا فٽ وڪرو ٿيڻ سبب واپارين ۽ دڪاندارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن، ڀٽ شاهه جي ميلي ۾ صحت کاتي طرفان به ڪي انتظام نـ ڪيا ويا، اوقاف، ثقافت ۽ ٽائون طرفان انتظامن کي مڪمل ڪيو پيو وڃي، اوقاف کاتي جي اسسٽنٽ مئنيجر عبدالشڪور بوزدار جو چوڻ هو ته درگاهه تي انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، رنگ، صفائي جو ڪم مڪمل آهي، زائرين جي لنگر لاءِ روزانو 50 ديڳون تيار ڪيون وينديون، رهائش لاءِ شاميانا لڳائي رهيا آهيون، ثقافت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر شير محمد مهر چيو ته ميلي دوران شاهه جو ڪراڙ ڍنڍ تفريح جو مرڪز هوندو، هن چيو تـ ڪراڙ ڍنڍ کي نئين سر جوڙي پل تعمير ڪيو وئي آهي، جنهن جو افتتاح بـ ميلي ۾ ٿيندو، هن چيو تـ لطيف راڳ رنگ، ثقافتي ڳوٺ، سگهڙ ڪچهري، لطيف ادبي ڪانفرنس، اسٽيج ڊرامو ثقافت کاتي طرفان منعقد ڪيو ويندو.

سيڪيورٽي جا انتظام سخت، ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪبي: ايس ايس پي

ڀٽ شاهه:ايس ايس پي مٽياري سيد زاهد شاهه شاهه لطيف جي ميلي لاءِ فل پروف سيڪيورٽي پلان جوڙي ورتو، سي سي ٽي وي ۽ ڊرون ڪيمرائن ذريعي مانيٽرنگ ڪرڻ جو فيصلو، ايس ايس پي مٽياري کانسواءِ 4 وڌيڪ ايس ايس پيز ۽ 30 ڊي ايس پيز مقرر، 20 کان مٿي واڪ ٿرو ۽ 50 جي لڳ ڀڳ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون پيون وڃن، ايس ايس پي، شهر جي چئني طرفن کان مڪمل ناڪابندي ڪري هر ماڻهو تي خاص نظر رکيو ويندي، شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي رينجرز، پوليس ۽ مختلف ڳجهن ادارن جا اهلڪار به مقرر هوندا، سيڪيورٽي مامرن تي ڪا به نااهلي برداشت نه ڪئي ويندي، خبر موجب، ايس ايس پي مٽياري سيد زاهد حسين شاهه حضرت شاهه عباللطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ ۾ فل پروف سيڪيورٽي پلان جوڙي ورتو آهي، عرس مبارڪ کي 50 سي سي ٽي وي ۽ ڊرون ڪيمرائن ذريعي مانيٽرنگ  ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، هن چيو ته 4 کان وڌيڪ ايس ايس پيز ۽ 30 ڊي ايس پيز سميت رينجرز به گڏ هوندي، پاڪ آرمي بـ دستياب هوندي، 3000 جي لڳ ڀڳ اهلڪار بـ مقرر آهن، سيڪيورٽي بابت 3 ئي ڏينهن ڪئمپ تي ويهي مانيٽنگ ڪندس، 200 اهلڪار وي آئي پي موومنٽ لاءِ مقرر آهي، منشيات سميت هر قسم جي سماجي براين تي پابندي، شڪايت جي صورت ۾ شهري ۽ صحافي مون سان رابطو ڪري سگهن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اپوزيشن سان سعودي جا لاڳاپا ايترا سٺا ناهن: فواد چوڌري

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سعودي ولي عهد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے