22 جمعہ , فروری 2019

ڪجهه چور وڪيٽ جي ٻنهي پاسن کان کيڏي رهيا آهن: شيخ رشيد

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ڪجهه چور وڪيٽ جي ٻنهي پاسن کان کيڏي رهيا آهن، ڪرپشن ڪندڙن کي فوري سزا ملڻ گهرجي. ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد احمد چيو ته دوست ملڪن مدد نه ڪئي ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوندو، ڦريل دولت لاءِ به ريڙهي واري جو استعمال ڪيو ويو، فالودي واري جي اڪائونٽ مان 2 ڪروڙ رپيه نڪتا آهن، پتو لڳايو وڃي ته رقم ڪاڏي وئي. هن چيو ته سراج الحق احترام لائق آهي،  اسان کي ڏاج ۾ ماضي جي حڪومتن ادائيگي لاءِ ڇا ڏنو آهي،  سعد رفيق ۽ شاهد خاقان عباسي وڪيٽ جي ٻنهي پاسن کان کيڏي رهيا آهن. شيخ رشيد احمد چيو ته مستقبل جي دنيا فائبر، سائبر جي دنيا آهي، تفتان جي علائقي کي هميشه نظرانداز ڪيو ويو آهي، اڃا ٽريڪ جي صورتحال سٺي ناهي. هن چيو ته ريلوي ترقي ڪندو ته ملڪ ترقي ڪندو، ريلوي جي ڪنهن ڪچي بستي تي هٿ نه وجهنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ساهيوال سانحو بابت جي آءِ ٽي رپورٽ ڇرڪائي ڇڏيو…..

لاهور(ويب ڊيسڪ)  ساهيوال سانحي جي گڏيل جاچ ٽيم پنهنجي حتمي رپورٽ ۾ خليل، سندس زال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے