18 اتوار , نومبر 2018

رپورٽ| دادو ۾ سرڪاري پلاٽن تي قبضن جو ڪنهن کي مليو رڪارڊ ؟ ڪيا اينٽي ڪرپشن جي ڊائريڪٽر وڏا انڪشاف! ٿي پوندوئو حيران !!

دادو ۾ ڊائريڪٽر ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ سنڌ فياض عباسي جي هدايتن تي ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ڄامشورو، نورالله شيخ اولڊ انسپيڪشن بنگلو ايريگيشن دادو جي قيمتي سرڪاري پلاٽن تي ٿيل قبضي جو رڪارڊ هٿ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن دادو انسپيڪٽر منور علي جهتيال، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ڄامشورو جواد ڪريم ڀٽي ۽ ٻين رڪارڊ هٿ ڪري سرڪاري پلاٽن تي قبضي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ڄامشورو نور الله شيخ جو چوڻ هو ته ڊپٽي ڪمشنر دادو طارق منظور چانڊيو سندن کاتي کي خط لکي آگاهه ڪيو آهي ته آبپاشي کاتي جي قيمتي سرڪاري زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته سرڪار جي قيمتي  پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائي، هتي شهرين لاءِ پارڪ ٺهرايو ويندو.

سندس چوڻ هو ته  اربين روپين جي ماليت جي سرڪاري زمين تي آبپاشي عملدارن جي ملي ڀڳت سان قبضو ڪيو ويو آهي، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪوٽڙي:ٻولهاڙي جي 10ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، احتجاج، ڌرڻو

*ڪوٽڙي سائيٽ ميونسپل  ڪميٽي ٻولهاڙي جي 10  کان وڌيڪ ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے