22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ:ڀٽ شاهه:گورنر سنڌ شاھ عبدالطيف جي مزار تي چادر چاڙهي افتتاح ڪيو

گورنر سنڌ عمران اسماعيل  شاعرن جي سرتاج شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي 275 ھين عرس مبارڪ جي موقعي تي مزار مبارڪ تي  چادر چاڙھي عرس مبارڪ جي سرڪاري تقريبن جو افتتاح ڪري ڇڏيو.

 ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي عمران اسماعيل چيو تھ شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنھنجي فڪر ۽ فلسفي ذريعي امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آھي سندس ڪلام ۾ سڀني لاءِ  برابري جو درس آھي.

 سندس چوڻ هو تھ شاھ  عبداللطيف ڀٽائي جهڙي عظيم هستيءَ جي مزار تي چادر چاڙھي دعا گھرڻ سندس لاءِ  اعزاز آھي.

عمران اسماعيل چيو تھ سنڌ جي ڌرتي سدائين امن ۽ ايڪي جو پيغام ڏنو آھي.

گورنر سنڌ جو چوڻ ھو تھ ڀٽ شاھ کي سنڌ جو ماڊرن شھر بڻائڻ لاءِ گڏيل ڪوشش جي ضرورت آھي،  جيڪڏھن ڀٽ شاھ هڪ ماڊل  شھر بڻجي وڃي تھ ھي ھڪ وڏو سياحتي مرڪز بڻجي سگهي ٿو.

ھڪ سوال جي جواب ۾ گورنر سنڌ چيو تھ  هن شاھ لطيف تي ڪم ناھي ڪيو ان ڪري کيس شاھ صاحب جا بيت ياد ناھن.

ان موقعي تي گورنر سنڌ غريب ۽ بيواھ عورتن ۾ ڪپڙا  پڻ تقسيم ڪيا……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: سن پوليس ڪهڙو ڏنو ڪارنامو سرانجام؟ توهان ڄاڻي حيران ٿي ويندو

سن پوليس پاران  شادي تقريب ۾ وڏي آواز ۾ ايڪو سائونڊ وڄائڻ ۽ هوائي فائرنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے