21 پیر , جنوری 2019

رپورٽ| دادو: پوليس جي ڪارروائي،ٻن ڪوچن مان اهڙو ڇا هٿ آيو جو شهري ڏسي حيران ٿي ويا؟

ايس ايس پي دادو پرويز خان عمراڻي دعويٰ ڪئي آهي تھ  ڪڪڙ پوليس ڇاپو هڻي  2 ڪوچون سوگهيون ڪيون آهن جن ۾ نشي واريون سوپاريون ۽ گٽڪو اسمگل ڪيو پيو وڃي.

ايس ايس پي دادو پرويز خان عمراڻي پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تھ  پڪڙيل  ڪوچن ۾ ڪوئٽه کان ڪراچي سوپاريون ۽ گٽڪو اسمگلنگ ڪيو پيو وڃي.

هن ٻڌايو تھ پوليس جي ڇاپي ۾ ڪروڙين روپين جون نشي واريون سوپاريون  هٿ آيون آهن ۽ 6 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو تھ  آپريشن ۾ حصو وٺندڙ پوليس جي  جوانن کي ڪيش انعام ۽ سي سي ٿرڊ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا.

هن چيو تھ ڳجهو اطلاع مليو تھ  5 مسافر ڪوچن ۾ نشي واريون  سوپاريون ۽ گٽڪو ڪوئٽه کان ڪراچي نيو پيو وڃي.

ايس ايس پي دادو چيو تھ  اهڙي اطلاع تي انڊس هاءِ وي جي سمورن ٿاڻن کي خاص چيڪنگ جون هدايتون جاري ڪيون ۽ پوليس کي الرٽ ڪيو جنهن ۾ ڪڪڙ پوليس کي ڪاميابي ملي آهي جنهن مان 2 ڪوچون هٿ ڪيون آهن

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: خيرپور ٺري ميرواهه تعلقي جي ڳوٺ صوفائي سهتا جي رهواسين عورتن بااثر  جي ظلم خلاف احتجاج ڪيو

خيرپور ٺري ميرواهه تعلقي جي ڳوٺ صوفائي سهتا جي رهواسين عورتن بااثر  جي ظلم خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے