18 اتوار , نومبر 2018

رپورٽ| ڀان سيدآباد: قلم ڌڻي ڇو ٿيا سراپا احتجاج؟ سيڪيورٽي انچارج کي ڪنهن جي پٺڀرائي حاصل؟ڏسو هن خبر ۾

ڀان سيدآباد ۾ قلم ڌڻين سيوهڻ جي سيڪيورٽي انچارج جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

قلم ڌڻين صدر ذوالفقار مينگل، جنرل سيڪريٽري آصف علي ميمڻ، آدم مينگل، پرديپ ڪمار، صفر خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سيوهڻ جي سيڪيورٽي انچارج نجف شاهه جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي صحافين خطاب ڪندي چيو ته درگاهه قلندر تي مقرر سيڪيورٽي انچارج نجف شاهه صحافين سان زيادتين جي انتها ڪري ڇڏي آهي، درگاهه تي رپورٽنگ لاءِ ويندڙ صحافين سان هر وقت بدتميزي ڪري ٿو.

هنن چيو تھ  سيڪيورٽي انچارج جي اڍنگي رويي خلاف بالا آفيسرن کي شڪايتون پڻ ڪيون آهن پر ڪير به ڪاروائي  ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

قلم ڌڻين ڊي آءِ جي حيدرآباد نعيم شيخ کان مطالبو ڪيو تھ  معاملي جو نوٽيس وٺي قلم ڌڻين سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ هو مجبور ٿي احتجاجي تحريڪ هلائيندا

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪوٽڙي:ٻولهاڙي جي 10ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، احتجاج، ڌرڻو

*ڪوٽڙي سائيٽ ميونسپل  ڪميٽي ٻولهاڙي جي 10  کان وڌيڪ ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے