18 اتوار , نومبر 2018

رپورٽ| دادو: نينگر کي ڪيئن ڪيو ڇوڪِري بليڪ ميل؟ سندس امڙ ڪيا وڏا انڪشاف ، ڏسي ٿي ويندو حيران ؟

دادو ۾ نجم ڪالوني لڳ شاهجهان پارڪ جي رهواسڻ بيواهه صغران وگهيو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

بيواهه عورت الزام هنيو ته پوليس اهلڪار جي ڇوڪري سندس 15 ورهين جي پٽ مشتاق وگهيو کي خط ۽ موبائيل فون ذريعي دوستي رکڻ لاءِ بليڪ ميل ڪري رهي آهي.

هن چيو ته ڇوڪري جي مائٽن کي اهڙي خبر پوڻ تي لنڊ برادري جي ماڻهن گهر تي حملو ڪري سندس پٽ تي تشدد ڪري ڌمڪيون ڏنيون آهن.

سندس چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن اڳ هوءَ ڇوڪري جي مائٽن وٽ وئي، ڇوڪري جي مائٽن 10 لک روپين جي گهر ڪئي آهي، کين بي گناهه ڦاسايو ويو آهي.

بيواهه عورت ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته پٽ تي تشدد ڪندڙ پوليس اهلڪار خلاف ڪارروائي ڪري ۽ کين تحفظ ڏئي انصاف ڪن

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪوٽڙي:ٻولهاڙي جي 10ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، احتجاج، ڌرڻو

*ڪوٽڙي سائيٽ ميونسپل  ڪميٽي ٻولهاڙي جي 10  کان وڌيڪ ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے