22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ| خانپور مهر: پوليس ۽ رينجرز ڪنهن خلاف ڪيو ڪومبنگ آپريشن؟ ڪيترا ۽ ڪهڙا غيرقانوني ترسيل ٿيا گرفتار؟ سڀ ڪجهه هن خبر ۾

خانپورمهر ۽ سردارڳڙھ واري علائقي ۾ پوليس ۽ رينجرز افغاني پٺاڻن  خلاف گڏيل آپريشن ڪري 20 ڄڻا گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

خانپورمهر سميت  سرداڳڙھ واري ريگستاني علائقن  ۾ خانپورمهر پوليس ۽ رينجرز جو مختلف علائقن ۾ رهندڙ پرڏيهي افغاني  پٺاڻن خلاف آپريشن ڪيو ويو.

آپريشن دوران پوليس ۽ رينجرز جمعه خان، حضرت عيسيٰ خان، شاھنواز، محمد خان، سمندر خان ۽ قمرالدين سميت 20  افغاني پٺاڻن  کي گرفتار ڪيو.

پوليس ۽ رينجرز سردارڳڙھ ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن کي مڪمل سيل ڪري علائقي کان ٻاهر ويندڙ رستي تي مڪمل چيڪنگ لاءِ پڪٽ قائم ڪري ماڻهن کان تلاشي ورتي،  آپريشن دوران موبائيل سروس  پڻ معطل ڪئي وئي.

هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي خانپورمهر جي ايس ايڇ او برڪت علي ڀٽي ٻڌايو ته  خانپورمھر سميت ٻين علائقن م ڪارروائي ڪري 20 افغانين کي گرفتار ڪري مٿن غير قانوني طريقي سان رھائش ايڪٽ طور  ڪيس داخل ڪيو ويو آھي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڳڙھي ياسين: نئون ڳوٺ ککراڻي هن جديد دور ۾ بھ بنيادي سهولت کان وانجهيل

ڳڙھي ياسين ڀرسان نئون ڳوٺ ککراڻي هن جديد دور ۾ بھ بنيادي سهولت کان وانجهيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے