16 ہفتہ , فروری 2019

رپورٽ| ميرپورخاص:جڙتو مقابلي ۾ زخمي ڪيل ڊاڪٽر کي انصاف ڏيارڻ لاءِ احتجاج

ميرپورخاص ۾ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي سڏ تي چار سال اڳ حيدرآباد پوليس هٿان جڙتو مقابلي ۾ زخمي ڪيل ڊاڪٽر کي انصاف ڏيارڻ لاءِ احتجاج ڪيو ويو .

ايس يو پي جي ڪارڪنن لالا اظھر، عبيد بنگلاڻي، عبدالغفار،  علي مراد شر،  گلزار مگسي لطيف، جروار شاھد پنھور  جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڊاڪٽر ديپڪ کي بنا ڪنهن سبب جي هاف فراءِ ڪيو ويو جنهن جو اعتراف ايس ايس پي عرفان بلوچ به ڪيو هو .

هنن ٻڌايو ته ڊاڪٽر ديپڪ هن وقت معذور بڻجي ويو آهي پر سرڪار سندس ڪا به سهائتا نه ڪئي آهي .

هنن مطالبو ڪيو ته داڪٽر ديپڪ جو علاج ڪرائي سندس گهر وارن جي مالي سهائتا ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڀرياسٽي: نيٺ سماجي اڳواڻ قربان علي چانڊيو جي سار ڪير لهندو؟؟

ڀرياسٽي: نيٺ سماجي اڳواڻ قربان علي چانڊيو جي سار ڪير لهندو؟؟

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے