16 ہفتہ , فروری 2019

ايراني پرڏيهي وزير جي پاڪستاني هم منصب سان ملاقات، مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

Iran's Zarif, Qureshi discuss issues of mutual interestاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي دوري تي آيل ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي غور ڪيو ويو . ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف اڄ صبح سوير اسلام آباد جي دوري تي پهتو هو ، پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف جي وچ ۾ پرڏيهي آفيس ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سهڪار وڌائڻ سميت گڏيل دلچسپي وارين معاملن تي ڳالهيون ٿيون. ذريعن موجب ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف جي آرمي چيف جرنل قمر جاويد باجوا سان به ملاقات جو امڪان آهي. ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف پاڪستان اختيارين سان ملاقات ۾ ٻه طرفي سياسي توڙي عسڪري معاملن تي ڳالهيون ٿينديون. واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ ايراني پرڏيهي وزير جو اهو ٻيو دورو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهزادي محمد بن سلمان جي پاڪستان دوري جون تاريخون تبديل….

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان پاڪستان جي دوري جون تاريخون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے