11 منگل , دسمبر 2018

احتجاج جو خاتمو عارضي قدم قرار، مستقل حل ڳولڻو پوندو: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت آسيا بي بي جي آزادي خلاف مذهبي جماعتن جو احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ معاهدي کي عارضي حل قرار ڏئي ڇڏيو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته اسان وٽ ڌرڻا ختم ڪرڻ لاءِ ٻه آپشن هئا، فورس استعمال ڪيون ها ته ماڻهن جي مارجڻ جي خدشو هو، رياست کي ائين نه ڪرڻ گهرجي، اسان ڳالهين جو رستو اختيار ڪيو، جنهن ۾ ڪجهه حاصل ڪبو آهي ۽ ڪجهه ڇڏڻو پوندو آهي. هن حڪومت جو بچاءُ ڪندي چيو ته اسان جيڪو ڪجهه ڪيو اهو رڳو فائر فائٽنگ آهي، في الحال حڪومت جيڪو قدم کنيو آهي اهو مسئلي جو حل ناهي، انتهاپسندي ۽ پرتشدد احتجاجي مظاهرن جو مستقل حل ڳولڻو پوندو. فواد چوڌري واضح ڪيو ته آسيا بي بي کي ملڪ ڇڏڻ جي اجازت ڏيڻ يا نه ڏيڻ بابت فيصلو عدالت ڪندي، حڪومت آسيا بي بي جي سيڪيورٽي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

حددخلين خلاف آپريشن: عدالت مان انصاف جي اميد آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب حددخلين خلاف جاري آپريشن جي …