16 ہفتہ , فروری 2019

رپورٽ| غوثپور: ڊي سي ڪشمور راجا طارق چانڊيو پاران شھر جو دورو ، حد دخلين تي سخت ڪاوڙ جو اظهار

غوثپور ۾ ڊي سي ڪشمور راجا طارق چانڊيو  شھر  جو دورو ڪري وڌندڙ حد دخلين تي سخت ڪاوڙ جو  اظهار ڪيو .

ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور غوثپور شھر جي مئن بس اڏي۔ ٽائون ڪاميٽي ۔ عيد گاھ پارڪ۔ رورل ھيلٿ سينٽر ۽ مقامي قبرستان سميت مختلف ھنڌن جو اوچتو دورو ڪيو .

ڊي سي ڪشمور شهر ۾  صفائي جي نظام جي کوٽ ۽  سرڪاري عمارتن تي قبضن ۽ شھر ۾ وڌيل حد دخلين تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو .

هن ٽائون ڪاميٽي جي آفيسر کي حڪم ڪيو ته ھڪ ھفتي اندر شھر ۾ ڪارروائي ڪري ناجائز حد دخليون ختم ڪرايون  وڃن .

ڊي سي ڪشمور عوام کي يقين ڏياريو ته قبضا مافيا خلاف بنا ڪنهن  فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ شھر جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو

رپورٽ-عبدالغفار

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڀرياسٽي: نيٺ سماجي اڳواڻ قربان علي چانڊيو جي سار ڪير لهندو؟؟

ڀرياسٽي: نيٺ سماجي اڳواڻ قربان علي چانڊيو جي سار ڪير لهندو؟؟

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے