21 جمعرات , فروری 2019

پابندين سان آمريڪا پاڻ نقصان کائي رهيو آهي: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف چيو آهي ته آمريڪي پابندين جو نتيجو ابتو نڪري رهيو آهي ۽ پاڻ آمريڪا عالمي سطح تي اڪيلو ٿيندو پيو وڃي. ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي جواد ظريف چيو ته آمريڪي پابنديون گڏيل قومن جي اعليٰ ترين عدالت ۽ سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن خلاف آهن، جيڪي عام ايراني شهرين کي هدف بڻائي رهيون آهن. ان کان اڳ ايراني صدر حسن روحاني جو چوڻ هو ته اسان فخر واري انداز سان انهن آمريڪي پابندين جي ڀڃڪڙي ڪنداسين. ٽي وي تي خطاب ڪندي حسن روحاني چيو ته ايران تي لاڳو ڪيل آمريڪي پابنديون عالمي قانونن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي جي زمري ۾ اچن ٿيون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي فوجي مارجڻ جو هڪ ٻيو واقعو…

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست هماچل پرديش ۾ فوجي ڪئمپ تي برفاني ڇِپ ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے