18 جمعہ , جنوری 2019

نوازشريف، مريم ۽ صفدر جي سزا معطلي خلاف نيب جي درخواست تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي

Sharifs sentence suspension: SC to resume hearing NAB appeal todayاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس نياڻي مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن (ر) صفدر جي سزا معطلي خلاف ٻڌڻي اڄ ٿيندي. چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽه رڪني خاص بئنچ نيب جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي. سپريم ڪورٽ نيب جي اپيل تي نواز شريف ۽ مريم نواز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. نيب 22 آڪٽوبر تي داخل ڪيل پنهنجي درخواست ۾ اعليٰ عدالت کان استدعا ڪئي هئي ته ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن ريٽائرڊ محمد صفدر جي سزائون معطل ڪرڻ وارو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي جوابدارن جون ضمانتون رد ڪري. ياد رهي ته احتساب عدالت 6 جولائي تي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف کي 11، مريم کي 8 ۽ ڪيپٽن (ر) محمد صفدر کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. ٽنهي جوابدارن اڊيالا جيل ۾ قيد رهيا جنهن کانپوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 19 سپٽمبر کي احتساب عدالت جي طرفان ٽنهي ڄڻن کي ڏنل سزا معطل ڪئي هئي جنهن خلاف نيب سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے