18 اتوار , نومبر 2018

رپورٽ| دادو: نوجوان ناري کي قتل ڪري بغير ڪارروائي جي دفنائڻ جو انڪشاف

دادو جي ڪچي واري علائقي ۾ نوجوان ناري کي قتل ڪري بغير ڪارروائي جي دفنائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

مورو پل ويجهو گهر ۾ 20 ورهين جي شادي شده ناري سڪينھ کي قتل ڪري پوليس جي بغيرڪارروائي جي کيس دفن ڪيو ويو آهي.

ڳجهي اطلاع ملڻ تي پوليس ڪارروائي ڪري ناري جو لاش ڪڍرائي پوسٽ مارٽم لاءِ دادو اسپتال منتقل ڪيو.

شروعاتي جاچ ۾ اهو معلوم ٿيو آهي تھ ناري کي پنهنجي مڙس مٺل جتوئي قتل ڪيو آهي جيڪو اڃا تائين  پوليس جي پڪڙ کان آجو آهي.

پوليس جوابدار جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي رهي آهي

ٻڌايو پيو وڃي تھ ناري سڪينھ خيرپور ضلعي جي ڳوٺ فيض محمد ٻنڊو جي رهواسڻ آهي جنهن جي شادي ڪجهه وقت اڳ دادو جي نوجوان مٺل جتوئي سان ٿي هئي

رپورٽ-يار محمد بروهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪوٽڙي:ٻولهاڙي جي 10ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، احتجاج، ڌرڻو

*ڪوٽڙي سائيٽ ميونسپل  ڪميٽي ٻولهاڙي جي 10  کان وڌيڪ ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے