18 اتوار , نومبر 2018

رپورٽ| ڀان سيدآباد: واهڙ ۾احتجاج ڪندڙ آبادگارن جي بک هڙتال خاطري بعد بک هڙتال ختم

ڀان سيدآباد ويجھو واهڙ ۾ سي ايم هائوس واھڙ آڏو ٻئي ڏينھن به  آبادگارن جي بک هڙتال سي ايم جي حڪم تي SE سپرينٽنڊٽ انجنيئر دادو  پاران  ڳالھيون ڪري ٽن ڏينھن اندر پاڻي ڏيڻ جي خاطري ڏيارڻ تي ختم ڪري ڇڏي .

دائم برانچ جي پڇڙي جي آبادگارن پاڻي کوٽ خلاف سي ايم هائوس واهڙ اڳيان ٻئي ڏينھن  به علامتي بک هڙتال ڪئي.

ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن منظور جمالي، اختر جمالي، عباس جمالي، اڪبر جمالي ۽ ٻين ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته دائم برانچ جي پڇڙي ۾ پاڻي اڻلڀ آهي، جنهن ڪري سال ۾ واحد ٿيندڙ ڪڻڪ جو فصل به نه پوکي سگهيا آهيون.

هنن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اپيل ڪئي ته اسان جي معاشي قتلام جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي

رپورٽ -آدم  مينگل

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪوٽڙي:ٻولهاڙي جي 10ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، احتجاج، ڌرڻو

*ڪوٽڙي سائيٽ ميونسپل  ڪميٽي ٻولهاڙي جي 10  کان وڌيڪ ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے