22 جمعہ , فروری 2019

سنڌ مان وڏي گرفتاري ٿيندي، ڪرپٽ سياستدانن جو خاتمو ڏسي رهيو آهيان: شيخ رشيد

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته نئين سال ۾ ڪرپٽ سياستدانن جو خاتمو ڏسي رهيو آهيان، سنڌ مان وڏي گرفتاري ٿيندي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ريلوي واري وزير شيخ رشيد احمد چيو ته قسم کائي چوان ٿو ته شهباز شريف نواز شريف کان وڏو چور آهي. هن چيو ته شهباز شريف جو ناٺيچين ۾ ڪمپنين جو ميمبر نڪتو آهي. سندس چوڻ هو ته سلمان شهباز ڀڄي ويو آهي، ڪرپٽ شهباز شريف منهنجي دل تان لهي ويو آهي، شريف فيملي سان لاڳاپا پنهنجي جاءِ تي آهن پر چور کي چوندو رهندس. شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم 15 نومبر تي حيدرآباد ايڪسپريس جو افتتاح ڪندو، 21 نومبر تي چين جو ريلوي جو وفد پاڪستان اچي رهيو آهي. هن چيو ته ريلوي کي 10 هزار ڀرتين جي اجازت ملي وئي آهي، ريلوي ۾ ويجيلنس جو کاتو ختم ڪيو ويو آهي،  ريلوي والٽن اڪيڊمي کي يونيورسٽي بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته ريلوي جي رٽائرڊ ڪانٽريڪٽ ملازمن کي هڪ سال ۾ فارغ ڪيو ويندو، فيصل آباد ٽرين کي ملتان تائين وٺي وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڊيزل جا اگهه وڌڻ سان ڀاڙن ۾ اضافي جو فيصلو 21 نومبر کانپوءِ ڪيو ويندو. شيخ  رشيد چيو ته ريلوي جا سمورا اسڪول ۽ اسپتالون خانگي شعبي جي سهڪار سان هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ساهيوال سانحو بابت جي آءِ ٽي رپورٽ ڇرڪائي ڇڏيو…..

لاهور(ويب ڊيسڪ)  ساهيوال سانحي جي گڏيل جاچ ٽيم پنهنجي حتمي رپورٽ ۾ خليل، سندس زال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے