18 جمعہ , جنوری 2019

رپورٽ| لکي غلام شاھ: بجلي جي تارن مان 6 گهرن کي باه، الهه تلهه سڙي رک

لکي  غلام شاھ ڀرسان لکي مائينر ڀرسان پراڻي واٽر سپلا ۾ ٺاهيل 6 گهرن کي بجلي جي تارن مان باهه لڳي وئي.

ڳوٺاڻن خادم،ارباب،ميهر،ثناءُ الله،عطاالله،نهال الدين ڪلهوڙو جي گهرن مٿان 11 هزار وولٽيج جي تار ڪري پئي جنهن سبب الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو .

ڳوٺاڻن مردن توڙي عورتن پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ڪنٽرول ڪري وڌيڪ نقصان کان بچائي ورتو

لکي فائر برگيڊ جو  2ڪلاڪ دير سان پهتو ،پر و موٽر خراب هجڻ سبب شڪارپور کان فائر برگيڊ گهرائي باھ تي ڪنٽرول ڪيو ويو.

ان موقعي تي متاثر ڳوٺاڻن  الزام مڙهيو  ته لکي واپڊا وارن جي نااهلي سبب واقعو پيش آيو، سندن ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي

رپورٽ- نديم جان

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڏهرڪي:  ڪار   ۽  موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر لڳڻ سبب ڪهڙو ٿيو جاني نقصان ؟

ڏهرڪي ويجهو رهڙڪي روڊ لڳ نيشنل هاءِ وي تي تيز رفتار ڪار  موٽر سائيڪل کي  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے