13 جمعرات , دسمبر 2018

رپورٽ| دادو:ڊيمن ۽ ڌارين جي آبادڪاري خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران احتجاجي مارچ ، ڌرڻو

دادو ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه جي اڳواڻي ۾ سمورن پارٽين جي اڳواڻن پاران علامه آءِ آءِ قاضي لائبريري کان سينيما چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي سيد جلال محمود شاهه، رياض چانڊيو، امجد مهيسر، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي ۽ ٻين ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ڪنهن به صورت ۾ ڀاشا ڊيم قبول نه ڪندي، سنڌو درياهه کي بند ڪرڻ جي سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏبي،

هنن چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان چشما جهلم لنڪ ڪئنال ذريعي سنڌو درياهه مان غير قانوني پاڻي چوري جو پاڻمرادو  نوٽيس وٺي.

هنن چيو ته سنڌ ۾ قومپرست ڪارڪنن، اديبن، دانشورن، شاعرن، صحافين کي کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو .

اڳواڻن چيو ته  سنڌ ايڪشن ڪاميٽي سنڌ جي 3 نڪتن تي احتجاج شروع ڪيو آهي جنهن ۾ ڌارين جي آبادڪاري، ڀاشا ڊيم ۽ قومي ڪارڪنن جي گمشدگي  شامل آهن،

رپورٽ- عزيز ملڪ

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: کپرو:باهه لڳڻ سبب 4 گهرن کي باهه، لکين رپين جو سامان  سڙي ويو

ڳوٺ قابل بوزدار ۾  باهه لڳڻ سبب  4  گهر سڙي ويا . قابل بوزدار ،رحمن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے