14 جمعہ , دسمبر 2018

پي سي بي چيئرمين احسان ماني سڀاڻي ڪراچي پهچندو

PCB Chairman Ehsan Mani will be visiting Karachi tomorrowڪراچي ( اسپورٽس نيوز ) پي سي بي چيئرمين احسان ماني پهرين دوري تي ڪراچي پهچي رهيو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين احسان ماني پنهنجي پهرين دوري تي سڀاڻي ڪراچي پهچندو، احسان ماني ڪراچي جي دوري دوران مختلف شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو، بورڊ جو سربراهه نيشنل اسٽيڊيم جو تفصيلي دورو پڻ ڪندو جتي هو اسٽيڊيم ۾ جاري تعميراتي ڪم جو جائزو وٺندو ۽ ان حوالي سان ڪنسلٽنٽ ۽ لاڳاپيل اختيارين کان ضروري بريفنگ وٺندو. احسان ماني اسٽيڊيم ۾ ئي قائم حنيف محمد ريجنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي پڻ ويندو، ذريعن موجب احسان ماني ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان به ملاقات ڪندو، ملاقات دورن پي ايس ايل جي تيارين ۽ ڪراچي ۾ رٿيل ميچن ۽ فائينل جي انتظامن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، احسان ماني جو ڪي سي سي اي جي عهديدارن سان به ملاقات جو امڪان آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت خلاف ڪيس ابتو پاڪستان جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو

دبئي (اسپورٽس نيوز) گڏيل سيريز جي معاهدي تي عمل نه ٿيڻ سبب ازالي جي چڪر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے