10 پیر , دسمبر 2018

وومينز ورلڊ ٽي ٽوئنٽي: ڀارت پاڪستان کي هارائي ڇڏيو

پراويڊينس( اسپورٽس نيوز ) عورتن جي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ پاڪستان وومين کي لڳاتار ٻي ميچ ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. ڀارتي ڪپتان ٽاس کٽي پهريان پاڪستان وومين ٽيم کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. پاڪستان وومين مقرر 20 اورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 133 رنسون اسڪور ڪيون. اوپنر عائشه ظفر کاتو کولڻ بنا پويلين رواني ٿي وئي، ڪپتان جويريه خان 17 رنسون ٺاهي ڪجهه مزاحمت ڪئي، عميمه سهيل 3 انفرادي اسڪور تي رن آئوٽ ٿي وئي، 30 اورن تي ٽي وڪيٽون وڃائڻ کانپوءِ بسمه ۽ ندا ڊار ڇوٿين وڪيٽ لاءِ 97 رنسن جي ڀائيواري جوڙي جنهن جي مدد سان قومي وومين ٽيم جو ٽوٽل 123 تائين پهچايو، بسمه معروف 49 بالن تي 53  رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهي جڏهن ندا ڊار 52 رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهي سندس اننگز ۾ 5 چوڪا ۽ 2 ڇڪا شامل هئا، عاليه رياض 4 ۽ ثنا مير کاتو کولڻ بنا، ناهيدا خان ۽ سدرا نواز بنا رنس ٺاهڻ جي ناٽ آئوٽ رهيون، پونم ياديو، هيمالٿا 2، 2 وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته اي ريڊي جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي. ڀارت جي مضبوط بيٽنگ لائن پاڪستان طرفان مليل 133 رنسن جو هدف ٽن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتي، اوپنر ميٿالي راج 56 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهي، سمرتي منڌهانا 26 ۽ جيميما روڊريگوئز 16 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي. ڀارتي ڪپتان هرمنپريت ڪور 14 ۽ ويدا ڪرشنا مورتي 8 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيون. ندا ڊار، بسما ۽ ڊيانا بيگ هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. شاندار بيٽنگ جي ميٿالي راج کي ميچ جي بهترين رانديگرياڻي قرار ڏنو ويو. واضح رهي ته وومين ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي پهرين ميچ ۾ قومي وومين ٽيم کي ڪينگروز هٿان شڪست ملي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايمرجنگ ايشيا ڪپ: بنگالي ٽائيگرن جو شاهينن کي کٽڻ لاءِ 310 رنسن جو هدف

ڪراچي ( اسپورٽس نيوز ) ايمرجنگ ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي گروپ ميچ ۾ بنگلاديش …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے