12 بدھ , دسمبر 2018

سنڌ فوڊ اٿارٽي جو اجلاس بنا نتيجي ختم، آفيسرن جي مقرري جو فيصلو به نه ٿي سگهيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ فوڊ اٿارٽي جي اجلاس جي اندرين ڪهاڻي سامهون اچي وئي، اٿارٽي جو اجلاس بنا نتيجي جي ختم ٿي ويو، آفيسرن جي مقرري بابت ڪو به فيصلو ناهي ٿي سگهيو. تفصيل موجب گذريل ڏينهن صحت لاءِ هاڃيڪار کاڌو کائڻ جي ڪري ڪلفٽن ۾ ٻه ٻار فوت ٿي ويا جنهن بعد ننڊ مان اُٿيل سنڌ فوڊ اٿارٽي اڄ هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو هو جيڪو بنا نتيجي جي ختم ٿي ويو. اجلاس ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر چيو ته سنڌ فوڊ اٿارٽي نئون ادارو آهي، ان ڪري ماڻهن جي مقرري ۾ وقت لڳندو. سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر ابرار شيخ چيو ته 7 مهينا گذري چڪا آهن، ليبارٽري جي فزيبلٽي رپورٽ به ناهي بڻي. پرائيويٽ ميمبرن به آفيسرن جي مقرري جي حوالي سان وقت گهري ورتو. پرائيويٽ ميمبرن طرفان چيو ويو آهي ته آفيسرن جي مقرري بابت هو جلد پنهنجون سفارشون پيش ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته 7 مهينن ۾ اِهو ٽيون اجلاس آهي پر آفيسرن جي مقرري بابت ڪا به سفارش ناهي ڏني وئي، چوٿون بورڊ اجلاس ايندڙ 10 ۾ ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀ ڪيس گذريل دور جا آهن، اسان ڪو ڪيس ناهي ٺاهيو: عليم خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عليم خان چيو آهي ته سڀ ڪيس گذريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے