10 پیر , دسمبر 2018

وزير اعظم ڏکڻ پنجاب صوبي بابت جلد اهم اعلان ڪندو: عثمان بوزدار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام لاءِ اهم بندوبستن جو اعلان جلد ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار سينيئر اينڪر پرسن سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام  لاءِ وزير اعظم عمران خان اتحادي پارٽين ۽ مخالف ڌر ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ڇڏي جيڪا ان معاملي جي نگراني ڪندي.  عثمان بوزدار وڌيڪ چيو ته وزير اعظم عمران خان پنهنجي چونڊ مهم ۾ ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام جو واعدو ڪيو هو، تحريڪ انصاف جي حڪومت جا 100 ڏينهن پورا مڪمل ٿيڻ کان اڳ وزير اعظم صوبي جي قيام بابت اهم بندوبستن جو اعلان ڪندو. پنجاب جي وڏي وزير موجب پنجاب جي صوبائي ڪابينا جو مهيني ۾ هڪ اجلاس ڏکڻ پنجاب ۾ رٿيو ويندو جڏهن ته ان خطي جي لاءِ ترقياتي منصوبن جو به اعلان ڪيو ويندو.  ٻئي پاسي حڪومتي اتحادي ق ليگ سان تعلق رکندڙ وفاقي وزير طارق بشير چيما ڏکڻ پنجاب صوبي جي مخالفت ڪري ڇڏي. ميڊيا سان ڳالهائيندي طارق بشير چيو ته هو اِهو معاملو وزير اعظم سان ملاقات ۾ اٿاريندو. هن چيو ته آئون ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام جي خلاف ناهيان پر ڏکڻ پنجاب صوبي ۾ بهاولپور کي به شامل ڪرڻ جي تجويز جي خلاف آهيان، آئون وزير اعظم عمران خان سان ملاقات ڪندس ۽ سندس پراڻيون تقريرون به کڻي ويندس جنهن ۾ هن بهاولپور صوبي جي حق ۾ ڳالهيون ڪيون هيون. طارق بشير چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ پنجاب اسيمبلي ۾ بهاولپور ۽ ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام جي لاءِ ٺهراءُ منظور ڪري چڪو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جڏهن لڳو ٽيم منهنجي ڪري هارائي ٿي ته ڪپتاني ڇڏي ڏيندس: سرفراز احمد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته جڏهن مون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے