11 منگل , دسمبر 2018

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو وڏو پيڪيج عمران خان جي حڪومت کي ملي رهيو آهي ايترو وڏو پيڪيج اڄ تائين پاڪستان کي ناهي مليو، سعدوي عرب کان پوءِ ابو ظهبي مان به ٿڌيون هوائون اچي رهيون آهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته چين کي علم ٿي ويو آهي ته پاڪستان کي پهريون ڀيرو هڪ ايماندار وزير اعظم مليو آهي، چين جي دوري ۾ ڪيترين ئي ڪمپنين شهباز شريف جي ناٺي جي ڪرپشن جي دانهن ڏني. ريلوي واري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ رڳو هڪ ئي شخص آهي جيڪو اين آر او گهري رهيو آهي ۽ اُهو شهباز شريف آهي جڏهن ته آصف علي زرداري شروع کان ئي جيل جو خام مال آهي. ريلوي ۾ ڪيل سڌارن بابت سندس چوڻ هو ته وزير اعظم جي چوڻ موجب 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي پيش ڪري رهيو آهيان، اسان 11000 نوڪرين جو واعدو ڪيو هو هن وقت تائين 2031 ماڻهو ڀرتي ڪري چڪا آهيون. هن چيو ته اسان 10 ٽرينون هلائڻ جو واعدو ڪيو هو ان مان 6 ٽرينون هلائي چڪا آهيون، اهڙي ريت 10 هزار مال گاڏين کي 31 ڊسمبر تائين نيلام ڪيو ويندو.  شيخ رشيد چيو ته ڪجهه ڏينهن ۾ ريلوي ۾ وڌيڪ ڀرتين جو اعلان ڪيو ويندو، ٽرينن ۾ وائي فائي جي سهولت لڳائي رهيا آهيون جڏهن ته گهوسٽ ملازمن کي ڳولهڻ جي لاءِ بائيو ميٽرڪ سسٽم لڳائي رهيا آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هاڻ ڪير به پاڪستان کي ڊو مور نه چوندو: شهريار آفريدي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو مملڪتي وزير شهريار آفريدي جو چوڻ آهي ته هاڻ هن ملڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے