ڪمپالا (ويب ڊيسڪ) آفريڪي ملڪ يوگنڊا ۾ هڪ اسڪول ۾ باهه لڳڻ سبب 9 ٻار سڙي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 40 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب راڪائي ضلعي جي ڳوٺ مانيا جي اسڪول ۾ ڪاوڙيل شاگردن هاسٽل کي باهه ڏئي ڇڏي. پوليس ترجمان ايميليو ڪيئيما جو چوڻ هو ته شاگردن کي تازو سينٽ برنارڊ نالي اسڪول مان ڪڍيو ويو هو. علائقي پوليس ڪمانڊر موجب چئن شاگردن ۽ هڪ وارڊن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. فوت ۽ زخمي ٿيندڙن شاگردن جي عمر 15 کان 16 سالن جي وچ ۾ آهي.27
هي به ڏسي سگهو ٿا
لاهور هاءِ ڪورٽ خواجه سعد ۽ سلمان رفيق کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي
لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه سعد رفيق …