10 پیر , دسمبر 2018

رپورٽ| ڪراچي: سنڌ حڪومت ايمپريس مارڪيٽ جي متاثر دڪاندارن جي مدد جو فيصلو

سنڌ حڪومت ايمپريس مارڪيٽ جي متاثر دڪاندارن جي مدد جو فيصلو ڪيو آهي.

خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي مڪاني ادارن جي صوبائي وزير سعيد غني سنڌ حڪومت جي فيصلي جو اعلان ڪندي چيو ته متاثر دڪاندارن جي مدد ڪرڻ چاهيون ٿا، تنهن ڪري ان معاملي تي خاص ڪميٽي ٺاهي پئي وڃي.

هن چيو ته ايمپريس مارڪيٽ جي دڪاندارن مان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪي ايم سي کي مسواڙ ادا ڪري رهيا هئا، صوبائي حڪومت مڪاني ادارن، ڪي ايم سي ۽ ڪي ڊي اي آفيسرن تي ٻڌل ڪميٽي ٺاهيندي.

سعيد غني جو چوڻ هو ته ڪميٽي دڪاندارن جي نقصان جو جائزو وٺي پنهنجو سفارشون لکندي، جنهن جي روشني ۾ متاثرن جي مدد لاءِ فيصلو ڪيو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي اردو تحقيقي ڪتاب “ سنڌي ثقافت ڪا نيا دور” جي مهورت

ناميارن ليکڪن، شاعرن،  اديبن ۽ محققن چيو آهي ته ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي سنڌي ثقافت تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے