11 منگل , دسمبر 2018

ملڪ رياض کان هڪ هزار ارب رپيا گهڻا نه گهريا، منهنجي سامهون عام ماڻهو آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون راولپنڊي جي زمين الاٽمنٽ بابت سمورو ريڪارڊ طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجر بينچ بحريا ٽائون راولپنڊي فيصلي جي خلاف نظرثاني درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. بحريا ٽائون جي وڪيل اعتزاز احسن وڌيڪ دستاويز جمع ڪرائڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته پهرين پنهنجا دليل ڏيو پوءِ درخواست کي ڏسنداسين جڏهن ته ضرور پئي ته وڌيڪ دستاويز گهرائينداسين. چيف جسٽس چيو ته تخت پڙي جي زمين سرڪاري هئي ان ڪري چار ڪنال خريد ڪري باقي شامل ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. بحريا ٽائون جي وڪيل چيو ته تخت پڙي زمين جو سرڪاري ريڪارڊ پيش ناهي ڪيو ويو جنهن تي جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته عدالت بحريا ٽائون جي دستاويزن تي دارومدار ڪري ئي فيصلو ڏنو. چيف جسٽس چيو ته اعتزاز احسن صاحب، هڪ ڳالهه واضح ڪري ڇڏيان ته هڪ انچ ايراضي تي به قبضو ٿيو ته بخشينداسين نه، ماڻهن کي قتل ڪري زمينن تي قبضو ڪيو ويو، عدالت رعايت ڏيڻ ختم ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته زمين جي الاٽمنٽ ۾ اڳوڻي وڏي وزير ۽ ٻين ماڻهن جو ڪهڙو ڪردار آهي، وڏي وزير جي هدايت تي جهنگ جي زمين ڏني وئي. وڪيل چوڌري اعتزاز احسن چيو ته وڏي وزير ڪا به زمين الاٽ ناهي ڪئي، جنهن تي جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته 270 ڪنال زمين وڏي وزير جي خاندان کي ملي. جسٽس ثاقب نثار جو چوڻ هو ته وڏي وزير کان زمين ملڪ رياض تائين ڪيئن پهتي، سڀ انڪوائري ۾ سامهون اچي ويندو. اعتزاز احسن چيو ته وڏي وزير فيصلو سمري تي ورتو جنهن تي چيف جسٽس چيو ته وڏي وزير کي سمري ملي ڀڳت ڪئي وئي هوندي، وڏي وزير کي زمين الاٽ ڪرڻ جو اختيار ڪنهن ڏنو، نيب کي موڪلڻ لاءِ هي ڪيس بهترين آهي. ٻڌڻي دوران ملڪ رياض سيٽ تان اُٿي روسٽرم تي اچي ويو ته چيف جسٽس مٿس سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته منهنجي سامهون ملڪ رياض هڪ عام ماڻهو آهي، ملڪ رياض عدالتي ڪارروائي ۾ هر هر مداخلت ڪندو آهي، ڇو نه هن کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيون، وڪيل جا دليل پسند ناهن ته وڪيل تبديل ڪيو، وڃو ۽ پنهنجي سيٽ تي ويهو. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته هي سڄو ڪيس اختيارن جي ناجائز استعمال جو آهي، 10 هزار پاڙان پٽيا ويا، اُن وقت وڏو وزير ڪير هو؟ ڪهڙي اختيار ۽ قانون جي تحت زمين الاٽ ٿي؟ جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته جهنگل ۾ منگل ٿي ويو، اِهو دليل قبول ناهي، زمينجي حدبندي وڏي وزير پاڻ ڪرائي، منصوبو شروع ٿيڻ بعد زمين چوڌري خاندان جي ٻارن کي تحفي ۾ ڏني وئي. چيف جسٽس چيو ته ماحولياتي نقصان جو ازالو ڪير ڪندو جنهن تي بحريا ٽائون جي وڪيل چيو ته وڻ ڪٽڻ جو ڪو به ثبوت ناهي. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ ڪڏهن زمين جي حد بندي جي سمري وڏي وزير کي ناهي وئي، حد بندي بعد زمين وڏي وزير جي ٻارن کي به منتقل ٿي، جهنگ جو جهنگ تباهه ڪيو ويو، بحريا ٽائون جبل جا جبل تباهه ڪري ڇڏيا، ملڪ رياض کان هڪ هزار ارب رپيا گهڻا نه گهريا هئا. وڪيل اعتزاز احسن چيو ته بحريا ٽائون پنهنجي زمين تي موجود وڻ ڪٽيا هئا جنهن تي جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته هڪ ڪنال تي قبضو ٿي وڃي ته پوليس شخص کي پڪڙي وٺندي آهي، حيران آهيان ته ايتري وڏي قبضي کان پوءِ به ماڻهو آزاد گهمي رهيا آهن. جسٽس ثاقب نثار چيو ته آمريڪا ۾ صدر کوکو به الاٽ ناهي ڪري سگهندو، وڏو وزير حڪومت جو انچارج هوندو آهي، چوڌري اعتزاز صاحب ائين نه ٿئي جو ڳالهه ڪيس کان اڳتي هلي وڃي، نقاب کنيوسين ته منهن سامهون اچي ويندا. هن چيو ته وڏو وزير حڪومت جو سربراهه هئڻ سان گڏ هڪ خاندان جو به سربراهه هو، هن کي رياست جي زمين جو تحفظ ڪرڻو هو زمين الاٽ ڪرڻ نه. عدالت بحريا ٽائون راولپنڊي زمين الاٽمنٽ بابت سمورو ريڪارڊ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 3 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ گئس بحران شدت اختيار ڪري ويو، اسٽيشنون سڀاڻي به بند

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ گئس جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي ۽ صوبي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے