13 جمعرات , دسمبر 2018

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين اشتهاري جوابدار عدالت جي سامهون سرينڊر نه ڪندو ان جي درخواست نٿي ٻڌي سگهجي. اڳوڻي صدر پرويز مشرف  جو بيان ريڪارڊ ڪرڻ جي لاءِ ڪميشن قائم ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني ڪئي. پرويز مشرف جي وڪيل دليل ڏيندي پرويز مشرف تي 2014ع ۾ فرد جرم لاڳو ٿيو، 8 شاهدن جا بيان به ريڪارڊ ڪيا ويا، قانون چوي ٿو ته آرٽيڪل 6 جي ڏوهه ۾ ثبوتن بعد جوابدار جو بيان ريڪارڊ ٿيندو. ان تي جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏيندي چيو ته توهان هن وقت اِهي شيون هتي ڊسڪس نه ڪيو، رڳو پنهنجي درخواست تائين محدود رهو، توهان جنهن حڪم جي خلاف آيا آهيو ان جو ٻڌايو. ان دوران اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي وڪيل دليل ڏنا ته خاص عدالت ۾ سڀاڻي سنگين غداري ڪيس ٻڌڻي جي لاءِ مقرر آهي ان ڪري سڀاڻي جي عدالتي ڪارروائي کي روڪڻ جا حڪم جاري ڪيا وڃن. جسٽس محسن اختر ڪياني پڇاڻو ڪيو ته ڇا پرويز مشرف پاڪستان واپس اچڻ چاهي ٿو؟ جنهن تي سندس وڪيل جو چوڻ هو ته هو اچڻ چاهي ٿو پر هن وقت هو اهري بيماري ۾ مبتلا آهي جيڪا گهٽ ماڻهن کي هوندي آهي. جسٽس عامر فاروق اڳوڻي صدر جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا پرويز مشرف جي پاڪستان اچڻ تي ڪا پابندي به آهي؟ جنهن جي جواب ۾ پرويز مشرف جي وڪيل چيو ته پرويز مشرف جي پاڪستان اچڻ تي ڪا به پابندي ناهي، هو رڳو بيماري جي ڪري ناهي اچي رهيو.  پرويز مشرف جي وڪيل چيو ته اڳوڻي صدر جو هن وقت اسٽيٽس اشتهاري جوابدار جو آهي، جنهن تي جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏنا ته پرويز مشرف اشتهاري جوابدار آهي ته پوءِ اِها درخواست ڪيئن ٻڌڻي جوڳي ٿي آهي؟ معزز جج چيو ته جيستائين اشتهاري جوابدار عدلات جي سامهون سرينڊر نٿو ڪري سندس درخواست نٿي ٻڌي سگهجي. جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏنا ته پرويز مشرف جي اشتهاري هئڻ جي باوجود درخواست ڪيئن ٻڌڻي جوڳي آهي ان نقطي تي دليل ڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پرويز مشرف جي وڪيل کان اشتهاري جوابدر جي درخواست جي ٻڌڻي جوڳي هئڻ تي دليل طلب ڪندي ٻڌڻي 19 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته اڳوڻي صدر خلاف خاص عدالت ۾ سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان، مراد علي کي وفاقي وزير مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان مراد سعيد کي وفاقي وزير مقرر ڪرڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے