10 پیر , دسمبر 2018

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت گردش هيٺ تاثرن کي ختم ڪرڻو پوندو.

ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير حيات چيو ته پاڪستان جو مستقبل روشن آهي، پنهنجي حياتي ۾ پاڪستان کي روشن ڏسي رهيو آهيان.

 پاڪستان جو باصلاحيت نوجوان نسل اثاثو آهي، پاڪستان جي محدود وسيلن باوجود هر دنيا جي هر شعبي ۾ پاڻ کي مڃرايو آهي جڏهن ته پاڪستان بابت گردش هيٺ تاثرن کي ختم ڪرڻو  پوندو.

 جنرل زبير محمود حيات چيو ته جغرافيائي بيهڪ ۽ خطي جي چيلينجز سبب پاڪستان جي ايٽمي صلاحيت تي وڌيڪ ڀاڙيو پيو وڃي، ايٽمي صلاحيت بچاءَ سان گڏ توانائي جي ضرورت پوري ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندي.

 هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان جو گيم چينجر آهي، خطي مان گذرندڙ توانائي جي منصوبن جي ڪري پاڪستان جي اهميت وڌي وئي آهي جڏهن ته امن امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ جي ڪري گذريل سال 20 لک سياح پاڪستان آيا.

هن چيو گوادر جي ويجهو سامونڊي علائقي ۾ هائيڊروڪاربن گيس جي وڏن ذخيرن جي نشاندهي ٿي آهي جڏهن ته فاٽا ايندڙ 5 سالن ۾ تيل ۽ گيس جا نون ذخيرن واري علائقي طور اُڀرندو، ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي، هي واحد ملڪ آهي جنهن ۾ عورتن کي پارلياماني نمائندگي حاصل آهي، اِهو انگ يورپ کان به گھڻو آهي ۽ پاڪستان کي 2 ڀيرا عورت وزيراعظم چونڊڻ جو اعزاز به حاصل آهي…………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: وائيس فار مسنگ پرسنس سنڌ پاران ملير کان ٻن ڏينهن وارو مارچ شروع، رستا روڪ

انساني حقن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي وارثن طرفان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے