ڊگهڙي ۾ ميديا اڳيان داهيندي ميرپورخاص واسين ٻڌايو ته ڀاءُ ۽ امڙ جا قاتل ضمانت تي آزاد ٿيڻ بعد کين موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.
ميرپورخاص علي ٽائون جا رهواسي نبي بخش ۽ سندس ڀيڻ مومل ٻڌايو ته سندن ڀيڻ امير زادي کي 2016 ۾ امام بخش لنڊ،محمد حنيف ، حاجي ۽ ٻين قتل ڪيو هو .
هنن ٻڌايو ته ڄاڻايل جوابدار هيئنر ضمانت تي آزاد آهن جنهن کانپوء ساڳين ماڻهن سندن هوران کي پڻ قتل ڪيو
هنن وڌيڪ دانهيندي چيو ته هو ميرپورخاص ۾ ايوب ٻگهيو جي مسواڙ جي گهر ۾ رهن ٿا ۽ ان جو تعلق جوابدارن سان آهي جنهن ڪري ايوب ٻگهيو جي بڇ تي علي محمد ٻگهيو،ڏيا رام ڪولهي پوليس معرفت کين مختلف طريقن سان تنگ ڪري ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن
هنن وڌيڪ چيو ته ڀيڻ ۽ ماء کي قتل ڪرڻ جو ڪارڻ اهو هو ته جوابدارن سندن 16سالن جي ڀيڻ امير زادي جو سنڱ 80سالن جي انب لنڊ لاء گهريو انڪار ڪرڻ تي هنن پهريان ڀيڻ ۽ بعد ۾ ماء کي قتل ڪيو.
هنن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ٻين وس وارن عملدارن کي اپيل ڪئي قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏئي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي
رپورٽ_ ڀاون شاهه